جده – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي توانائي، انفراسٽرڪچر، زراعت ۽ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت ڪاروباري موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سعودي عرب جي سيڙپڪاري وزير خالد الفالح ۽ اقتصادي مصروفيتن بابت جوائنٽ ٽاسڪ فورس جي سربراهه محمد التويجري ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اقتصادي تعاون کي مضبوط بڻائڻ، پاڪستان ۾ وڌيڪ سعودي سيڙپڪاري آڻڻ ۽ اهم شعبن ۾ گڏيل قدمن کي تيز ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم سعودي سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي پاڪستان جي اسٽريٽجڪ پوزيشن ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين کي اجاگر ڪيو. هن توانائي، انفراسٽرڪچر، زراعت ۽ ٽيڪنالاجي ۾ پاڪستان جي وسيع صلاحيت تي زور ڏيندي سعودي ڪاروباري ادارن کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) تحت ڪاروباري موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني. سعودي وزير خالد الفالح ۽ ٽاسڪ فورس جي سربراهه محمد التويجري پاڪستان سان اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۾ سعودي عرب جي گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. ڌرين باقاعده ۽ منظم رابطن ۽ گڏيل منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد جي ذريعي پاڪستان سعودي اقتصادي حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ڊگهي مدي ۽ گڏيل طور تي ڪارائتي اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي عزم تي زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي مدد جي لاءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف، موسمياتي تبديلي وارو وزير مصدق ملڪ ۽ ايس آءِ ايف سي جو نيشنل ڪوآرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل سرفراز احمد موجود هئا. سعودي وفد ۾ سعودي سيڙپڪاري واري وزارت ۽ سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن جي لاءِ گڏيل ٽاسڪ فورس جا نمائندا شامل هئا.