جده – 19 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي چئن ڏينهن جي دوري تي جده پهچي ويو، مڪه جي نائب گورنر شهزاده سعود بن مشعل بن عبدالعزيز آل سعود وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان گڏ وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ اهم وفاقي وزير ۽ اعليٰ عملدار شامل آهن. دوري ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ حصيداري جي حوالي سان سعودي عرب جي اعليٰ قيادت سان ملاقات ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم جي سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان آل سعود سان ملاقات پڻ متوقع آهي. ملاقات ۾ ٻئي اڳواڻ واپار کي فروغ ڏيڻ، اهم شعبن ۾ حصيداري کي وڌائڻ ۽ وسيع تر اقتصادي تعاون کي آسان بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهري تاريخي لاڳاپن کي اجاگر ڪري ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل افهام تفهيم ۾ اضافي، واپار، سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ ۽ ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي سفارتي رابطن جي وڌيڪ فروغ جي راهه هموار ڪندو.