اسلام آباد-19 مارچ (اي پي پي) وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونا ملاقات ڪئي. وزارت مان جاري پڌرائيءَ موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين وچ ۾ واپاري ناتن کي مضبوط بنائڻ ۽ مستقبل جي ڪاروباري موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران سفير وفاقي وزير کي يورپي يونين – پاڪستان بزنس فورم ۾ پڄاڻيءَ واري خطاب لاءِ مدعو ڪيو. اهو فورم 14 ۽ 15 مئي تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو جنهن جو مقصد اعليٰ سطحي ڳالهيون، ڪاروباري ڀائيواري کي هٿي ڏيڻ، يورپي يونين ۽ پاڪستان وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاريءَ جي موقعن کي اجاگر ڪرڻ آهي. ان ايونٽ ۾ سيڙپڪاري جا منصوبا پيش ڪيا ويندا ۽ بزنس ٽو بزنس ۽ بزنس ٽو گروپ ميچ ميڪنگ سيشنز منعقد ٿيندا. فورم ۾ زرعي ڪاروبار، آءِ ٽي، مشينري، ٽيڪسٽائل، دوا سازي ۽ گرين انفراسٽرڪچر جهڙن اهم شعبن تي ڌيان ڏنو ويندو. ملاقات جو هڪ ٻيو اهم نُڪتو يورپي يونين- پاڪستان بزنس نيٽ ورڪ جي شروعات هو جيڪو فورم دوران ڪيو ويندو. وفاقي وزير انهن قدمن جي آجيان ڪئي ۽ يورپي يونين جي اقتصادي سهڪار ۾ ڪردار کي ساراهيو. هن ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته پاڪستان ۽ يورپي يونين جا وڌندڙ واپاري ناتا، مضبوط ڪاروباري رابطا نوان سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪندا. يورپي يونين پاڪستان جو ٻيو سڀ کان وڏو واپاري ڀائيوار ۽ سڀ کان وڏي مارڪيٽ آهي جنهن سان 24ع ۾ ٻه طرفو واپار تقريبن 12 ارب يورو تائين پهچي چڪو آهي. يورپي يونين – پاڪستان بزنس فورم نه صرف ٻنهي خطن وچ ۾ معاشي ناتن کي هٿي ڏيندو پر پُراڻي اقتصادي ۽ سفارتي ڀائيواريءَ کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو.