اسلام آباد / ڪوئيٽا – 19 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته بلوچستان ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ اهڙا قدم کڻنداسين جنهن کي بلوچستان جي تاريخ ۾ سنهري لفظن ۾ ياد رکيو ويندو، اسان سڀني کي انهن جو حق ڏيڻ چاهيون ٿا حق کسڻ نه ٿا چاهيون، حق ڏئي ئي ماڻهن جون دليون کٽينداسين، دهشتگرد عنصرن کي هر قيمت تي شڪست ڏينداسين، دهشتگرد قوم کي ورڇ ڪرڻ چاهين ٿا، صورتحال واضح رياست کي رهڻو آهي ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ کٽڻي آهي، دهشتگردي جي خاتمي واري ونگ کي جديد هٿيار فراهم ڪنداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي پارلياماني پارٽين جي ميمبرن سان ملاقات ۽ امن امان جي صورتحال اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر کي بلوچستان اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ سياسي پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن صوبي کي درپيش مسئلن ۽ عوامي ڀلائي تي مختلف تجويزون پيش ڪيون. ملاقات ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ خصوصي شرڪت ڪئي. هن چيو ته بلوچستان جي ماڻهن سان دلي لڳاءُ ۽ پراڻو تعلق آهي، بلوچستان جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي سدائين اولين ترجيح رهي آهي. صدر چيو ته ارڙهين آئيني ترميم جي ذريعي بلوچستان سميت صوبن کي خودمختياري ڏني، بحيثيت پاڪستاني اسان کي قومي يڪجهتي سان ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي. آصف علي زرداري چيو ته اسان سڀني کي انهن جو حق ڏيڻ چاهيون ٿا حق کسڻ نه ٿا چاهيون، حق ڏئي ئي ماڻهن جون دليون کٽينداسين، عيد کانپوءِ بلوچستان ۾ ڪئمپ لڳائيندس، تفصيل سان هر ڪنهن کي ٻڌندس. بلوچستان اسيمبلي ۾ مُخالف ڌر جي اڳواڻ مير يونس عزيز زهري بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي قدمن کي ساراهيو ۽ کيس مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ بلوچستان جو وقتي گورنر ڪيپٽن (ر) عبدالخالق اچڪزئي ۽ بلوچستان جو وڏو وزير مير سرفراز بگٽي پڻ موجود هئا. نيشنل پارٽي جو سربراهه ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، پاڪستان مسلم ليگ جو پارلياماني اڳواڻ مير سليم کوسا، عوامي نيشنل پارٽي جو پارلياماني اڳواڻ انجنيئر زمرڪ خان اچڪزئي ۽ جماعت اسلامي جو ميمبر عبدالمجيد باديني ملاقات ۾ شريڪ هئا. بلوچستان ڪابينا جا ميمبر، صوبائي وزيرن، پارلياماني سيڪريٽريز ۽ ايم پي ايز پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. ٻئي طرف صدر آصف علي زرداري جي صدارت ۾ امن امان جي صورتحال تي ڪوئيٽا ۾ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خصوصي شرڪت ڪئي. بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي صدر چيو ته دهشتگرد عنصرن کي هر قيمت تي شڪست ڏينداسين، دهشتگرد قوم کي ورهائڻ چاهين ٿا، اها ڳالهه واضح آهي ته رياست کي رهڻو آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ کٽڻي آهي، دهشتگردي جي خاتمي واري ونگ کي جديد هٿيار فراهم ڪنداسين. صدر چيو ته بلوچستان دل جي ويجهو آهي، صوبي جي ترقي ۽ پائيدار امن چاهيون ٿا، بلوچستان جي هر ٻار کي اسڪول ۾ ڏسڻ چاهيون ٿا ۽ جديد ٽيڪنالاجي کان ٻارن کي روشناس ڪرائڻ وقت جي ضرورت آهي. ٻين کانسواءِ اجلاس ۾ بلوچستان جي وقتي گورنر ڪيپٽن (ر) عبدالخالق اچڪزئي، چيف سيڪريٽري بلوچستان شڪيل قادر خان، آءِ جي پوليس معظم جاهه انصاري سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.