اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ قونصلر معاملن تي پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ آمريڪا جي ناظم الامور مسز نتالي اي بيڪر کانسواءِ پرڏيهي ۽ گهرو معاملن وارن وفاقي سيڪريٽريز ۽ ٻين سينيئر عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.