اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 2025ع جي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، وڻڪاري مهم دوران چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگتبلتستان ۾ 4 ڪروڙ 17 لک ٻوٽا هنيا ويندا جڏهن ته وزيراعظم چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر 10 ملڪن ۾ شامل آهي، وڻ اسان جي ماحول کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏين ٿا، پوري قوم ۽ خاص طور تي نوجوان ۽ آبادگار وڌي چڙهي وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺن. هڪ تقريب دوران وزيراعظم ٻوٽو هڻي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته رحمتن ۽ برڪتن واري مقدس مهيني رمضان المبارڪ ۾ 2025ع جي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪئي وئي آهي جنهن دوران چئني صوبن سان گڏوگڏ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ اٽڪل 4 ڪروڙ 17 لک ٻوٽا هڻڻ جو منصوبو آهي جنهن ۾ پوري قوم ۽ خاص طور تي نوجوان ۽ آبادگار وڌي چڙهي حصو وٺن. وزيراعظم چيو ته وڻ اسان جي ماحول کي بهتر بڻائڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڏين ٿا. وڻڪاري سان بيمارين ۽ ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي ايندي. گذريل ڪجهه سالن دوران ٿيندڙ موسمياتي تبديلين جي ڪري وڻڪاري جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي ڇو ته دنيا ۾ موسمياتي تبديليون رونما ٿيون آهن. 2022ع جي شيد ترين ٻوڏ موسمياتي تبديلي جي ڪري ئي آئي ۽ ان ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي. بدقسمتي سان پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر 10 ملڪن ۾ شامل آهي. جيتوڻيڪ گرين هائوس گيسز جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي. ان جي لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته وڌ کان وڌ ٻوٽا هنيا وڃن. اسان کي رمضان المبارڪ جون برڪتون سهيڙڻ گهرجن ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻ گهرجي. انشاءَ الله پاڪستان هڪ عظيم ملڪ بڻجندو. سرڪاري دستاويز موب موسم بهار 2025ع جي وڻڪاري مهم دوران پنجاب ۾ هڪ ڪروڙ 28 لک 70 هزار، سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ، خيبرپختونخاوهه ۾ 26 لک 33 هزار، بلوچستان ۾ 20 لک 62 هزار، آزاد ڪشمير ۾ هڪ ڪروڙ هڪ لک 47 هزار ۽ گلگت بلتستان ۾ 40 لک ٻوٽا هڻڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. 2024ع جي برسات جي موسم جي وڻڪاري مهم دوران 4 ڪروڙ 5 لک 26 هزار ٻوٽا هنيا ويا هئا. 2024ع کان 2028ع جي گرين پاڪستان جي پي سي ون تي عملدرآمد جاري آهي جنهن تحت 945 ملين نوان ٻوٽا هڻڻ سان گڏوگڏ 2221 ملين موجوده ٻوٽن جي سارسنڀال جي ڪم کي بهتر بڻايو ويندو ۽ ٻيلن جي ايراضي ۾ اضافي جي لاءِ قدم کنيا ويندا. 2019ع کان 2025ع جي گرين پاڪستان پروگرام دوران 720.916 هيڪٽرز ايراضي تي ٻوٽا هنيا ويا آهن. هلندڙ سيزن جي وڻڪاري مهم دوران ٻٻر، ٽالهي، سک چين، ڦُلائي، چيڙ، پين، ديودار، بڙ، نِم، ڄمُون، آمري، چلغوزه، املتاس جهڙا ڪارائتا ٻوٽا هڻي سگهجن ٿا.