اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ کنڊ جي قيمتن جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ خوراڪ جي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر، شگر ملز جي نمائندن سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ کنڊ جي قيمتن جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا.