اسلام آباد-18 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪستان جي ڊگهي قد رکندڙ شخص نصير سومرو جي لاڏاڻي تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته نصير سومرو جي لاڏاڻي جي خبر ٻُڌي ڏُک ٿيو. اسپيڪر مرحوم نصير سومرو جي ڪٽنب سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ـ چيو ته نصير سومرو جي گهر وارن جي غم ۽ ڏُک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. هن چيو ته نصير سومرو جو شمار دنيا جي ڊگهي قد وارين شخصيتن مان ٿيندو هو، هن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. نصير سومرو جي لاڏاڻي سان پاڪستان ڊگهي قد واري شخصيت کان محروم ٿي ويو آهي. مرحوم هڪ محب وطن پاڪستاني هو، سندس خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. اسپيڪر الله تعاليٰ کان مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن لاءِ صبر جي دُعا ڪئي.