اسلام آباد -18 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن نيشنل پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر اظهر جتوئي، جنرل سيڪريٽري نيئر علي، فنانس سيڪريٽري وقار عباسي سميت ٻين نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون ڏيندي سندن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي سيڪريٽري چيو ته نيشنل پريس ڪلب پاڪستان ۾ صحافتي برادري لاءِ هڪ اثرائتو پليٽ فارم آهي، جيڪو صحافت جي آزادي ۽ صحافين جي حقن لاءِ مسلسل ڪوششن ۾ آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نئين چونڊيل قيادت پنهنجي صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي صحافين جي فلاح و بهبود ۽ ميڊيا جي ترقي لاءِ اثرائتا قدم کڻندي. پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن چيو ته جديد دور جي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي آزاد، ذميوار ۽ حقيقتن تي ٻڌل صحافت کي هٿي وٺرائڻ وقت جي ضرورت آهي. اسان کي يقين آهي ته نيشنل پريس ڪلب ان حوالي سان پنهنجي شاندار روايتن کي برقرار رکندو. وفاقي سيڪريٽري ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر چيو ته سڌ سماءَ واري وزارت، نيشنل پريس ڪلب ۽ صحافتي برادري سان هر ممڪن تعاون جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي، اميد آهي ته نئين قيادت نيشنل پريس ڪلب کي وڌيڪ فعال ۽ اثرائتو بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.