اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) مولاءِ ڪائنات مولا علي صه جي شھادت جو ڏهاڙو 21 رمضان المبارڪ ڇنڇر ڏينھن مذھبي عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويندو. سڄي ملڪ ۾ مجلسون ۽ ماتمي جلوس برآمد ڪيا ويندا. انتظاميا پاران جلوسن ۽ مجلسن جي سيڪيورٽي جا جوڳا انتظام ڪرڻ جُون ھدايتُون ڪيُون ويُون آهن.