اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ نيشنل پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وزير نئين چونڊيل صدر اظهر جتوئي، سيڪريٽري نيئر علي، سيڪريٽري خزانه وقار عباسي سميت ٻين نئين چوڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته حڪومت صحافت جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. هن چيو ته صحافي برادري ملڪ جو اهم ٿنڀ ۽ پريس ڪلب صحافين جو مضبوط آواز آهي. وفاقي وزير چيو ته پريس ڪلب هڪ اهڙو ادارو آهي جيڪو صحافين جي حقن، اظهار راءِ جي آزادي ۽ پيشيواراڻي ترقي جي لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته نئين چونڊيل عهديدارن جي ڪاميابي ان ڳالهه جي ثبوت آهي ته صحافي برادري انهن تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نئين قيادت صحافين جي ڀالئي، صحافت جي آزادي ۽ قومي مفاد ۾ مثبت ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته حڪومت صحافين جي مسئلن جي حل، انهن جي پيشيواراڻي صلاحيت ۾ اضافي ۽ صحافت جي آزادي جي فروغ جي لاءِ هر ممڪن تعاون جاري رکندي.