ڪراچي– 17 – مارچ (اي پي پي) ڊگهي قد جو اعزاز ماڻيندڙ سنڌ ڄائو نصير سومرو 55 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، هُو پاڪستان سميت پُوري دنيا جو وڏي قد جو اعزاز رکندڙ شخصيت ھو، نصير سومرو 1970ع ۾ شڪارپُور شهر ۾ نامياري رازي استاد ڌڻي بخش سومرو جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس تعليم گريجوئيشن هُئي، هِن وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۽ پي آءِ اي ۾ نوڪري ڪئي، نصير سُومرو ڪيتري ئي وقت کان ڦڦڙن جي بيماري جو شڪار هو، آخرڪار 17 مارچ تي لاڏاڻو ڪري ويو، نصير سومرو آخر تائين غيرشادي شده رهيو. سندس جنازي نماز اڱارو 18 مارچ تي شڪارپُور ۾ نبي شاهه محلي ۾ ادا ڪئي ويندي.