ڪراچي-17 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته پاڪ روس وچ ۾ دفاع، واپار، تعليم ۽ توانائي جي شعبن ۾ ٻه طرفو سهڪار انتهائي اهميت رکي ٿو ان ڏس ۾ پاڪ روس گڏيل مشقون ۽ گڏيل سهڪار خطي ۾ امن لاءِ نهايت اهم آهن. انهن خيالن جو اظهار هن رشين فيڊريشن جي جهاز جي استقبال جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. گورنر وڌيڪ چيو ته روسي نيول جهازن جي ڪراچي اچڻ سان سامونڊي سهڪار وڌيڪ مستحڪم ٿيندو . هن چيو ته ان شاندار تقريب ۾ شرڪت مون لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي. گورنر جڏهن تقريب ۾ پهتو ته سندس استقبال رشين فيڊريشن جي قونصل جنرل انڊري فڊوروف، جهاز جي ڪيپٽن ۽ ٻئي عملي ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان نيوي جو ڪمانڊر پاڪستان فليٽ ريئر ايڊمرل عبدالمنيب ۽ ٻيا سينيئر آفيسر به موجود هئا.