اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام ڀارت جي سخت رويي ۽ ڏاڍ وارن ارادن سان يرغمال بڻيل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ليڪس فريڊمين سان هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران ڀارتي وزيراعظم جي ريمارڪس بابت ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته ڀارتي وزيراعظم جا ريمارڪس گمراهه ڪندڙ ۽ هڪطرفا آهن، هو ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار کي ڄاڻي واڻي ڇڏي ڏين ٿا جيڪو گڏيل قومن، پاڪستان ۽ ڪشميري عوام کي ڀارت جي پختي خاطرين جي باوجود گذريل 7 ڏهاڪن کان حل طلب آهي. ترجمان چيو ته مظلوميت جي ڀارت جي فرضي داستان پاڪستان جي سرزمين تي دهشتگرد کي هوا ڏيڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياستي منظور ٿيل ڏاڍ ۾ ملوث هجڻ کي لڪائي نه ٿي سگهي. ترجمان چيو ته ڀارت کي ٻين تي الزام هڻڻ بدران غيرملڪي علائقن ۾ ٽارگيٽيڊ قتل، بغاوت ۽ دهشتگردي جي منصوبابندي جي پنهنجي رڪارڊ تي غور ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي بنيادي تڪرار سميت سمورن حل طلب مسئلن جي حل لاءِ سدائين تعميري مشغوليت ۽ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه جي وڪالت ڪئي آهي جڏهن ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام ڀارت جي سخت رويي ۽ ڏاڍ وارن ارادن جو يرغمال بڻيل آهي. ترجمان چيو ته ڀارت مان نڪرندڙ پاڪستان مخالف بيانيو ٻطرفي ماحول کي خراب ڪرڻ سان ڏوگڏ امن ۽ تعاون جي امڪانن کي روڪي ٿو، جنهن کي رڪجڻ گهرجي.