اسلام آباد -16 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نوشڪي ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪندي قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڌماڪي ۾ مارجي ويل ماڻهن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. صدر ڌماڪي ۾ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي.