اسلام آباد-14 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته جعفر ايڪسپريس تي دهشتگرديءَ وارو واقعو ڀارت جي دهشتگرد ذهنيت جو تسلسل آهي، پاڙيسري ملڪ دهشتگرديءَ جو مين اسپانسر آهي، جعفر ايڪسپريس تي حملي کانپوءِ ڀارتي ميڊيا جعلي آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) وڊيوز ذريعي پروپيگنڊا ڪندو رهيو ۽ وڊيوز دنيا کي ڏيکاريندو رهيو، دهشتگردي جي پوري ڪارروائيءَ دوران دهشتگرد افغانستان ۾ پنهنجي هينڊلز سان مسلسل رابطي ۾ هئا. هو بلوچستان جي وڏي وزير سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته دهشتگردن منظم انداز ۾ ڪارروائي ڪئي، جعفر ايڪسپريس واقعو انتهائي ڏُکئي علائقي ۾ پيش آيو، ريل کان پهرين دهشتگردن وڏي انگ ۾ ايف سي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو، جتي ايف سي جا 3 جوان شهيد ٿيا. دهشتگردن بارودي سرنگن جي مدد سان ريلوي ٽريڪ کي ڌماڪي سان اُڏايو ۽ مسافرن کي ريل مان لاهي ٽولين ۾ ورهايو، سوشل ميڊيا تي ريل واقعي جون اي آءِ ذريعي جعلي وڊيوز ٺاهيون ويون. ڀارتي ميڊيا (مصنوعي ذهانت) اي آءِ وڊيوز ذريعي پروپيگنڊا ڪندو رهيو . جعلي وڊيوز ذريعي پاڪستان خلاف بيانيو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڀارتي ميڊيا ڪوڙين وڊيوز سان ملڪي سُڃاڻپ خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پاڪ فوج جي ترجمان ٻُڌايو ته دهشتگردن 11 مارچ جي رات يرغمالين جي هڪ گروپ کي لساني بنيادن تي ڇڏيو، جنهن جا ڪجهه لاجسٽڪ سبب هئا، ڇاڪاڻ ته ايترن ماڻهن کي قابو نٿو ڪري سگهجي، ٻيو هي ته کين پاڻ کي انسانيت دوست هئڻ جو تاثر ڏيڻو هو. هن ٻُڌايو ته دهشتگردن پنهنجي ڪجهه ساٿين کي ٽرين تي ڇڏيو ۽ هڪ وڏو انگ جبلن ۾ پنهنجن ٺڪاڻن طرف هليو ويو، جن جي نگراني ڪرڻ کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز کين نشانو بنائي ختم ڪيو، اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان ٻُڌايو ته 12 مارچ جي صبح اسان جي فورسز اسنائپرز ذريعي دهشتگردن کي نشانو بنايو ته يرغمالين جو هڪ گروپ دهشتگردن وٽان ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جن کي ايف سي جي جوانن ريسڪيو ڪيو، جڏهن ته دهشتگردن جي فائرنگ سان ڪجهه يرغمالي شهيد ٿيا. هن ٻُڌايو ته 12 مارچ منجهند جو اسپيشل سروسز گروپ (ايس ايس جي) جي ضرار ڪمپني آپريشن جي ڪمان سنڀالي ورتي ۽ يرغمالين وچ ۾ موجود خودڪش بمبارن کي اسنائپرز جي مدد سان نشانو بنايو ته يرغمالين کي بچي نڪرڻ جو موقعو مليو ۽ يرغمالي دهشتگردن وٽان نڪري مختلف رُخن تي ڀڳا. ليفٽيننٽ جنرل ٻُڌايو ته ٽرين جي ٻاهران يرغمالي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيا ته ايس ايس جي ضرار ڪمپني جا جوان انجڻ جي رستي ٽرين ۾ داخل ٿيا، پوري ٽرين کي دهشتگردن کان پاڪ ڪيو ۽ يرغمال بنايل عورتن ۽ ٻارن کي ريسڪيو ڪيو. هن ٻُڌايو ته آپريشن وڏي مهارت سان ڪيو ويو جنهن ڪري پوري ڪارروائيءَ دوران ڪنهن معصوم يرغماليءَ جي جان کي ڪو نقصان نه پهتو. جيڪي شهادتون ٿيون اهي آپريشن شروع ڪرڻ کان اڳ ٿيون. دهشتگردن 24 ڪلاڪن دوران ڪيترن ئي يرغمالين کي شهيد ڪيو، جڏهن ته آپريشن دوران هو چاهيندي به ڪنهن کي ماري نه سگهيا، آپريشن دوران ضرار ڪمپني طرفان هڪ اسنائپر جو فائر آيو بعد ۾ ڄاڻايل دهشتگرد کي به نشانو بنايو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان ٻُڌايو ته دهشتگردن وٽ پرڏيهي هٿيار ۽ اوزار موجود هئا. آپريشن ۾ آزادي ماڻيندڙ مسافرن کي کاڌو مهيا ڪيو ويو ۽ فورسز جي نگرانيءَ ۾ محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو ويو. ترجمان ٻُڌايو ته تاريخ ۾ ٽرينن کي يرغمال بنائڻ جا جيترا واقعا آهن، هي واقعو آپريشن جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ ڪامياب ترين هو، جنهن 36 ڪلاڪن اندر انتهائي ڏورانهن هنڌ تي خودڪش بمبارن جي موجودگيءَ باوجود پاڪ فوج، ايئر فورس ۽ ايف سي پوري رٿابنديءَ سان ان آپريشن کي مڪمل ڪيو. هن چيو ته دهشتگرديءَ جو هي ٻيو واقعو آهي جنهن جا رابطا پاڙيسري ملڪ افغانستان سان ملن ٿا. هي جاري عمل جو هڪ حصو آهي، ڇاڪاڻ ته هتي جيڪي شڪيلون اچن ٿيون افغاني ان جو حصو هوندا آهن. هتي جيڪي خودڪش بمبار اچن ٿا اهي افغاني هوندا آهن. ترجمان اسڪرين تي تصويرون ڏيکاريندي چيو ته ويجهڙ ۾ مارجي ويل خوارجي بدرالدين نائب گورنر صوبي باغديس جو پُٽ هو، خوارجي مجيب الرحمان افغانستان جي آرمي ۾ هڪ بٽالين ڪمانڊر هو ۽ هي پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪري رهيا هئا، اهڙيءَ طرح هاڻ بنون جو واقعو ٿيو ان ۾ به افغان دهشتگرد ملوث هئا. اهڙيءَ طرح انهن وٽان جيڪي هٿيار مليا اهي به افغانستان مان آندا ويا پر جيڪو بلوچستان ۾ واقعو ٿيو آهي ۽ ان کان پهرين جيڪي واقعا ٿيا انهن جو اسپانسر اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي، ان موقعي تي ڊي جي آءِ ايس پي آر گرفتار ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديوو جا اعترافي وڊيو بيان ڏيکاريا، جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته ’را‘ جو هدف ۽ مقصد بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جون ڪارروايون ڪرڻ آهي. هن وقت منهنجو پاڪستان اچڻ جو مقصد بلوچ قومپرستن سان ملاقاتون ڪرڻ آهي ۽ ’را‘ جا 30 کان 40 ڪارندا مڪران ڪوسٽ طرف بلوچ قومپرستن سان ڪارروايون ڪرڻ لاءِ گڏ آهن ۽ مقصد اهو آهي ته را، جا ڪارندا فيلڊ ۾ رهن ته جيئن اهي بلوچ قومپرستن جي مدد ۽ انهن جي سهولتڪاري ڪري سگهن ۽ مخصوص هدفن کي نشانو بنائي سگهن ۽ ملٽري طرز جو ڪنيڪشن آپريشن ڪري سگهن، ڇاڪاڻ ته بلوچستان جي تحريڪ سمنڊ ذريعي نه ٿي ٿئي، مقصد هي آهي ته بلوچ قومپرستن کي محفوظ زمين فراهم ٿي سگهي ۽ سمنڊ طرف کان مڪمل طور ڪوآرڊينيڊ ٿئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر اڳوڻي ڀارتي آرمي چيف جو بيان هلايو. هن هٿيار ڦٽا ڪندڙ بلوچن جو بيان به ڏيکاريو جنهن ۾ اهي چئي رهيا آهن ته ڪا جنگ نه ٿي رهي آهي، ماڻهو صرف پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ عام معصوم بلوچن کي مارائي رهيا آهن، انهن سڀني سازشن ۾ خاص ڪري ڀارت جو هٿ آهي. هن جو چوڻ هو ته ان لاءِ جعفر ايڪسپريس جو واقعو ٿيو آهي، اهو پڻ پاليسيءَ جو تسلسل آهي جنهن کي اُتان کان پُش ڪيو ويو ته هي ڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان الله تعاليٰ جو شڪريو ادا ڪريون ٿا ۽ سلام پيش ڪريون ٿا انهن بهادر جوانن کي جن پنهنجي رٿابندي دليريءَ سان هڪ خطرناڪ صورتحال مان معصوم جانين کي بچايو.