اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ پائيدار معاشي ترقي جي لاءِ سيڙپڪاري آڻيو، حڪومت توهان جي هر قسم جي مدد ڪندي، ڪاروباري برادري جي مسئلن جو حل اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان پاڪستان جي ناليواري ڪاروباري شخصيتن جي وفد ملاقات ڪئي ۽ سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار ۾ اصافي تي حڪومت جي هر قسم جي مدد جي خاطري ڪرائي، ڪاروباري شخصيتن پاران وزيراعظم جي معاشي ٽيم جي ڪوشسن کي ساراهيو ويو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ پائيدار معاشي ترقي جي لاءِ سيڙپڪاري آڻيو، حڪومت توهان جي هر قسم جي مدد ڪندي. هن هدايت ڪئي ته پاڪستان ۾ ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري جي ٺوس اسڪيم آندي وڃي. وزيراعظم چيو ته برآمد ڪندڙن جي سهولت لاءِ ايڪسپورٽ فيسيلي ٽيشن اسڪيم جي حوالي سان ڪميٽي قائم ٿي چڪي آهي، جلد پنهن جي تجويزن جو مسودو منظوري جي لاءِ پيش ڪندي، الله جي فضل ۽ ڪرم ۽ معاشي ٽيم جي ڪوششن سان استحڪام حاصل ڪرڻ کانپوءِ معيشت ترقي طرف تيزي سان گامزن آهي. هن چيو ته ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، ڪاروباري برادري جي مسئلن جو حل اولين ترجيح آهي، حڪومت توهان جو ڀرپور ساٿ ڏيندي، حڪومت ڪاروباري برادري جي سهولت لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن ۽ ٻين سڌارن جي ڪري ڪاروباري برادري کي سهولت فراهم ڪري رهيا آهيون، فيس ليس ڪسٽم ڪليئرنس سسٽم سان بندرگاهن تي ڪنٽينرز جي ڪليئرنس جي وقت ۾ خاطرخواهه گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته صنعتن کي بهترين افرادي قوت جي فراهمي جي لاءِ نوجوانن کي تربيت جي فراهمي يقيني بڻائي رهيا آهيون، پيشيواراڻي تربيت فراهم ڪندڙ سمورن ادارن کي هڪ ڇت هيٺ گڏ ڪري نظام کي وڌيڪ ٺوس بڻائي رهيا آهيون. شرڪت ڪندڙن ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪ معاشي استحڪام کانپوءِ ترقي طرف وڌي رهيو آهي. شرڪت ڪندڙن حڪومت پاران اوڳاڙين جي نئين ذريعن سان آمدني ۽ ان سان قومي خزاني ۾ اضافي کي ساراهيو. شرڪت ڪندڙن اڏار پاڪستان پروگرام ۽ ان تحت معيشت جي ترقي جي روڊ ميپ کي پڻ ساراهيو. شرڪت ڪندڙن چيو ته وزيراعظم جو نوجوانن کي پيشيواراڻي هنر جي فراهمي، زراعت ۽ صنعت جي ترقي خاص طور تي هڪ هزار شاگردن کي چين ۾ جديد تربيت جي لاءِ موڪلڻ جو پروگرام ساراهه جوڳو آهي، ڪاروباري برادري جي مسئلن جي حل لاءِ پهريون ڀيرو حڪومتي سطح تي سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي. ڪاروباري برادري کي مشاورتي عمل خاص طور تي بجيٽ جي مشاورتي عمل ۾ شامل ڪرڻ خوش آئنده آهي، ان تي وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون. شرڪت ڪندڙن وزيراعظم جي قيادت ۾ اوڳاڙين ۾ اضافي، وياج جي شرح ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، راڻا تنوير حسين، احد خان چيما، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، حنيف عباسي، سردار اويس خان لغاري، شزه فاطمه خواجه، علي پرويز ملڪ، مملڪتي وزير وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون هارون اختر، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪاروباري شخصيتن کين درپيش مسئلن جي حل لاءِ تجويزون پيش ڪيون. وزيراعظم لاڳاپيل وزارتن ۽ سيڪريٽريز کي ڪاروباري شخصيتن سان مشاورت کانپوءِ انهن جي تجويزن تي ٻڌل پاليسي قدمن جي حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.