اسلام آباد-14 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته ڳالهيون ئي مسئلن جو واحد حل آهن، جڏهن ته ڳالهيون ڪنهن به ذات يا ايجنڊا تحت نه پر ملڪي مفاد لاءِ هئڻ گهرجن. ايوان کي قانون ۽ پارلياماني روايتن موجب هلائيندس. پارليامينٽ هائوس جي مغليه گارڊن ۾ ٻوٽو لڳائڻ واري تقريب جي شروعات جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته موسمياتي تبديليون ٿي رهيون آهن ان صورتحال جي گُهر آهي ته وڌ کان وڌ وڻ پوکيا وڃن ۽ ملڪ کي سرسبز ۽ شاداب بنايو وڃي، اڳيئي وڻن جي تمام گهڻي واڍي سبب موسمياتي تبديلين جي صورتحال سامهون آهي. هن چيو ته پاڪستان جو عالمي سطح تي گدلاڻ پکيڙڻ ۾ حصو تمام گهٽ آهي پر اسان سڀ کان وڌيڪ ان مان متاثر ٿي رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ اسپيڪر چيو ته منهنجي ذات کي به تنقيد جو نشانو بنايو وڃي ٿو، مون کي حوالدار چيو وڃي ٿو جنهن تي مون کي فخر آهي. حوالدار ٻن قسمن جا هوندا آهن هڪ اهو جيڪو چورن کي پڪڙي ٿو ٻيو اهو جيڪو ملڪ ۽ ملت لاءِ پنهنجين جانين جو نذرانو پيش ڪري ٿو. هن چيو ته ايف سي جا جوان شهيد ٿيا اهي به حوالدار هئا، پهرين ته کين فيصلو ڪرڻ گهرجي ته مون کي حوالدار جي ڪهڙي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪرڻ چاهين ٿا جن مون کي اهو لقب ڏنو، انهن جو ٿورو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو. هن اهو تسليم ته ڪري ورتو مان هڪ طرف آهيان ۽ ٻئي طرف اهي آهن. هن چيو ته هي تنقيد ڪئي پئي وڃي ته ايوان غير قانوني آهي جيڪڏهن هي ايوان غير قانوني آهي ته ڇا ان جون ڪميٽيون غير قانوني ناهن، جن جي اهي ماڻهو صدارت ڪن ٿا ۽ پگهارون وٺن ٿا. ڇا پگهارون غير قانوني ناهن، هن قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي ڳالهين جو حوالو ڏيندي چيو ته ان کي مون کان شڪايت آهي ته کيس ڳالهائڻ جو موقعو نٿو ڏنو وڃي. مون رڪارڊ چيڪ ڪيو ته هڪ ڪلاڪ 21 منٽ هن تقرير ڪئي ۽ ٻاهر وڃي هن اهو چيو ته اسان کي ڳالهائڻ جو موقعو نٿو ڏنو وڃي. هن چيو ته مخالف ڌر 10 منٽن لاءِ ايوان ۾ اچي ٿي، ان کان پوءِ احتجاج ڪري واپس هلي وڃي ٿي. مخالف ڌر کي عوامي مسئلن جي حل ۾ ڪا دلچسپي ناهي، مخالف ڌر طرفان ايوان ۾ عوامي اهميت وارن جيترن سوالن تي توجهه ڏياريو نوٽيس ڏنا ويا آهن ان جو رڪارڊ ڏيندس. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مخالف ڌر طرفان عوامي مسئلن بابت سمورو رڪارڊ عوام آڏو رکندس. ايوان کي قانون ۽ پرلياماني روايتن مطابق هلائيندس. مون کي مخالف ڌر طرفان تنقيد جي ڪا ڳڻتي ناهي. اسپيڪر چيو ته هر مسئلي جو حل ڳالهيون آهن، ڳالهين ذريعي گڏجي ويهي فيصلا ٿيندا آهن، ڳالهين جا دروازا هميشه کليل آهن، ڳالهيون ملڪي مفاد ۾ هئڻ گهرجي نه ڪي ذاتي ايجنڊا کي حاصل ڪرڻ لاءِ پارلياماني ڪميٽي ڳالهين لاءِ قائم ڪئي وئي هئي. ڳالهيون ئي مسئلن جو واحد حل آهن.