اسلام آباد-14 مارچ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان عمان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي چيئرمين فيصل عبدالله الرواس سان مسقط ۾ ملاقات ڪئي. جاري ڪيل بيان موجب گذريل ڏينهن ٿيل ملاقات کانپوءِ عمان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي چيئرمين وفاقي وزير جي اعزاز ۾ افطار پارٽي ڏني. ان موقعي تي پاڪستان جي سفارتخاني ۽ عمان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي گڏيل سهڪار سان بزنس ٽو بزنس نيٽ ورڪنگ سيشن به منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ پاڪستاني ۽ عماني واپارين کي گڏيل واپاري موقعا تلاش ڪرڻ جو موقعو مليو. هي ملاقات هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ تائين جاري رهي جنهن ۾ پاڪستان ۽ عمان وچ ۾ ٻه طرفي واپار کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيئرمين فيصل الرواس عمان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ان جي علائقائي آفيسن طرفان مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ خواهش ظاهر ڪئي ته عماني مارڪيٽ ۾ پاڪستاني شين جي ڀرمار هجي. ٻنهي ملڪن عمان چيمبر آف ڪامرس ۽ پاڪستان فيڊريشن آف چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري وچ ۾ جوائنٽ بزنس ڪائونسل کي فعال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن اقتصادي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي. وفاقي وزير ان موقعي تي چيو ته اسان جا موجوده واپاري انگ اکر اسان جي لاڳاپن جي اصل گهرائي جي عڪاسي نٿا ڪن صرف لاجسٽڪ ۽ مواصلاتي رڪاوٽون ختم ڪري اسان موجوده واپاري ڳاڻيٽي کي 2 کان 3 ڀيرا وڌيڪ وڌائي سگهون ٿا. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي راهه ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس مان ٿي گذري ٿي، اسان کي عمان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ پاڪستان جي مختلف چيمبرز آف ڪامرس ۽ انڊسٽريز وچ ۾ رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي.