اسلام آباد-14 مارچ (اي پي پي) سمنڊ پار پاڪستانين بابت مملڪتي وزير عون چوڌريءَ سان چيئرمين بورڊ آف اوورسيز پاڪستاني فائونڊيشن سيد قمر رضا ملاقات ڪئي ۽ کيس مملڪتي وزير بنجڻ تي مبارڪون ڏنيون. سيد قمر رضا مملڪتي وزير کي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته سمنڊ پار پاڪستان اسان لاءِ اهم آهن، انهن جو ملڪ جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار آهي.