اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بوسنيا هرزيگووينا جي سفير ايمن ڪوهوڊاروچ ملاقات ڪئي ۽ جعفر ايڪسپريس تي دهشتگرد حملي تي بوسنيا هرزيگووينا جي عوام ۽ حڪومت پاران تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران وزيراعظم پاڪستان ۽ بوسنيا هرزيگووينا جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن تي روشني وڌي ۽ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي بوسنيا هرزيگووينا جي دورن جو ذڪر ڪيو. بوسنيا جي ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موجوده دوستاڻي لاڳاپن کي گڏيل طور تي ڪارائتي اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي. وزيراعظم بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي چيئرپرسن زلجڪا ڪوويجانووڪ سان گذريل مهيني دبئي ۾ عالمي حڪومتن جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي ڪارائتي ملاقات جو پڻ ذڪر ڪيو. ايمن ڪوهوڊاروچ پنهنجي ملڪ جي سياسي قيادت پاران وزيراعظم کي نيڪ خواهشن ۽ مبارڪباد وارا پيغام پهچايا. هن بوسنيا هرزيگووينا جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي وڌيڪ فروغ جي ڀرپور خواهش جو ورجاءُ ڪيو ۽ وزيراعظم کي ان سلسلي ۾ جاري ڪوششن، قدمن ۽ تجويزن کان آگاهه ڪيو. هن جعفر ايڪسپريس ٽرين تي دهشتگرد حملي تي بوسنيا هرزيگووينا جي عوام ۽ حڪومت پاران وزيراعظم سان تعزيت جو اظهار ڪيو.