اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ تعاون ۽ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار يورپي يونين جي سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونڪا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم بلوچستان ۾ جعفر ايڪسپريس ٽرين تي تازي دهشتگرد حملي تي تعزيت جو اظهار ڪرڻ تي يورپي يونين جي سفير جا ٿورا مڃيا ۽ ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ انهن لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي يورپي يونين سان تعاون تي ٻڌل حصيداري خاص طور تي جي ايس پي پلس اسڪيم جنهن پنهنجي شروعات کان ئي پاڪستان ۽ يورپي يونين کي ڀرپور فائدو پهچايو، کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ انساني حقن سميت پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم مئي ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ پهرين پاڪستان – يورپي يونين جي اعليٰ سطح جي بزنس فورم جي انعقاد جي آجيان ڪئي ۽ يورپي يونين جي سفير کي هن فورم کي ڪامياب بڻائڻ ۾ پاڪستان جي مڪمل تعاون ۽ سهولت جو يقين ڏياريو. يورپي يونين جي سفير وزيراعظم کي يورپي يونين جي وفدن جي پاڪستان جي تازي دورن ساان گڏوگڏ ايندڙ دورن بابت پڻ آگاهه ڪيو.