اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته بلوچستان جي شهر سبي ويجهو جعفر ايڪسپريس کي دهشتگرد حملي جو نشانو بڻائڻ جي منصوبابندي ۽ هدايت ٻاهرئين ملڪ مان دهشتگرد تنظيمن جي اهم اڳواڻن ڪئي، پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز يرغمالين کي بچائيندي سمورن 33 دهشتگردن کي ڪاميابي سان ختم ڪري ڇڏيو. جن ۾ خودڪش حملي آور به شامل آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ ۾ چيو ته دهشتگرد پوري واقعي دوران افغانستان ۾ رهندڙ منصوباسازن سان سڌوسنئون رابطي ۾ هئا. هن چيو ته پاڪستان عبوري افغان حڪومت کي ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته اها پنهنجي سرزمين کي پاڪستان جي خلاف حملن جي لاءِ بي ايل اي جهڙن دهشتگرد گروپن جي لاءِ استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪري. ترجمان افغانستان تي زور ڏنو ته هو دهشتگردي جي ان مذمت جوڳي عمل جي مرتڪب ماڻهن، منتظمين، مالي معاونت ڪندڙن جو احتساب ڪري ۽ پاڪستان حڪومت سان تعاون ڪري ته جيئن ان حملي بابت سمورن ماڻهن بشمول دهشتگردي جي حقيقي اسپانسرز کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سرگرم ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن جهڙن دهشتگرد عنصرن کي افغانستان ۾ پناهگاهون حاصل آهن. ترجمان چيو ته اهو پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ گهري دوستاڻي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي راهه ۾ هڪ سنگين مسئلو ۽ هڪ رڪاوٽ آهي. هن چيو ته اسان افغان عملدارن تي ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهيون ۽ اسان انهن تي ان سلسلي ۾ ضروري قدم کڻڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهندا رهنداسين. هن چيو ته پاڪستان حڪومت هڪ ڏکئي ۽ گهڻ رخي دهشتگردي جي خاتمي جي حڪمت عملي تي عمل پيرا آهي جنهن ۾ فوجي ڪارروائي، انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشنز ۽ سفارتي موقف شامل آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن ان ڳالهه کي ورجايو ته ڀارت پاڪستان جي خلاف دهشتگردي جي سرپرستي ۾ ملوث آهي.