اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته افغان شهري ڪارڊ (اي سي سي) رکندڙ ماڻهن کي 31 مارچ تائين پاڪستان ڇڏي ڏيڻ گهرجي، ان کانپوءِ اهي پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ تصور ڪيا ويندا. پريس بريفنگ ۾ غيرقانوني پرڏيهين جي واپسي بابت ترجمان چيو ته درست سفري دستاويزن سان گڏ ڪنهن به افغان شهري جي ويزا موجب پاڪستان اچڻ ۽ رهڻ جي آجيان آهي. جڏهن ته هن چيو ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته افغان شهري ڪارڊ رکندڙ ماڻهن کي 31 مارچ 2025ع تائين ملڪ ڇڏي ڏيڻ گهرجي. ان کانپوءِ اهي پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ تصور ڪيا ويندا ۽ قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو. چيني وزيراعظم جي ايندڙ مهيني پاڪستان جي دوري جي سوشل ميڊيا رپورٽس بابت ترجمان ان کي ”فيڪ نيوز“ قرار ڏيندي چيو ته اهڙو ڪو منصوبو نه آهي. هن چيو ته چيني وزيراعظم گذريل سال پاڪستان جو تمام وڏو ۽ ڪامياب دورو ڪيو هو.