اسلام آباد-13 مارچ (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي آرچ بشپ جوزف ارشد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هن وفاقي وزير کي وزارت جون ذميداريون سنڀالڻ تي مبارڪون ڏنيون. ملاقات دوران دنيا ۾ مذهبي، عدم برداشت جي وڌندڙ رجحان، دهشتگردي، فرقيواريت جي خاتمي، امن جي قيام ۽ـ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته اقيلتن جو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ ۾ اهم ڪردار آهي، سڀني اقليتي برادرين کي ملڪي ترقيءَ ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ تي خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو. پاڪستان جي تعمير ۽ـ ترقيءَ ۾ اقليتن جو ڪردار نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، پاڪستان ۾ اقليتن کي سمورا سياسي، معاشي ۽ سماجي حق حاصل آهن، جن جي آئين ضمانت ڏني آهي. حڪومت اقليتن کي سياسي، سماجي ۽ـ معاشي طور بااختيار بنائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. اقليت جي قيام بابت قومي ڪميشن، بين المذاهب هم آهنگي پاليسي ۽ مذهبي برداشت کي هٿي ڏيڻ جي پاليسيءَ جي منظوريءَ سان اقليتن کي عملي طور آزاد ۽ خودمختيار بنايو ويو آهي. آرچ بشپ جوزف ارشد اقليتن بابت مذهبي معاملن واري وزارت ۽ پاڪستان حڪومت جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته ڪيٿولڪ چرچ جي انتظام هيٺ پاڪستان ۾ تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ اهم منصوبا جاري اهن، برداشت ۽ رواداري کي هٿي ڏئي اسان دنيا مان ڪٽرپڻي جو خاتمو ڪري سگهون ٿا. محبت، مساوات، برداشت ۽ امن پسندي جهڙا عمل رواداري کي معاشري ۾ هٿي ڏيڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ملاقات ۾ دنيا مان ڪٽرپڻي ۽ شدت پسندي جي خاتمي ۽ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪٻئي سان تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.