اسلام آباد-13 مارچ (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪستان حڪومت ۽ پاڪ فوج جو پختو ارادو آهي ته دهشتگردي کي پاڙؤن پٽي ختم ڪنداسين، دهشتگرديءَ خلاف جنگ جاري آهي، اڃا ختم نه ٿي آهي. هو پارليامينٽ هائوس ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم ۽ بلوچستان جي وڏي وزير وچ ۾ ملاقات ۾ مستقبل جو لائحه عمل تيار ڪرڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. هن چيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان جيڪو دٻاءُ وارو ماحول هو، مان سمجهان ٿو ته هاڻ اسان جي فوج جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي ان جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي، گهٽ ۾ گهٽ نقصان ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري وئي. ٻارن، عورتن ۽ مسافرن جي بازيابي ممڪن بنائي وئي. هن چيو ته دهشتگرديءَ خلاف آپريشن ڪيو آهي. هڪ تاريخ رقم ڪئي آهي جيڪو سونهري باب بڻجي ويو. هن چيو ته اهو به ممڪن آهي ته ان ڪئميرا ميٽنگ ٿئي پر اسان جي اِن ڪئميرا ميٽنگ اڳ وانگر نه ٿيندي جهڙي ريت باجوه جي دؤر ۾ ٿيندي هئي.