اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي قلعه عبدالله جي علائقي گلستان جي پوسٽ تي خوارجي دهشتگردن جو حملڳو ناڪام بنائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير خوارجي دهشتگردن جو حملو ناڪام بنائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباش ڏني. هن چيو ته خوارجي دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي ٻن جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو. هن شهيد نائيڪ طاهر خان ۽ شهيد لانس نائيڪ طاهر اقبال جي جرئت کي سلام پيش ڪيو. گهرو وزير شهيدن جي خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن جو چوڻ هو ته شهيدن جي قربانين کي قوم قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، شهيدن جي عظيم قربانين کي فراموش نه ٿو ڪري سگهجي.