آزاد ڪشمير ۾ مسلم ليگ (ن) حڪومت سازيءَ لاءِ گهربل انگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي، عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪنداسين: انجنيئر امير مقام/رانا ثناءُ الله

اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ۽ وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ مسلم ليگ (ن) حڪومت سازيءَ لاءِ گهربل انگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي، اُتي نئين دؤر جي شروعات ٿيندي، عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪنداسين، جڏهن به پاڪستان ۾ (ن) ليگ جي حڪومت قائم ٿي، آزاد ڪشمير …

اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ۽ وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ مسلم ليگ (ن) حڪومت سازيءَ لاءِ گهربل انگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي، اُتي نئين دؤر جي شروعات ٿيندي، عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪنداسين، جڏهن به پاڪستان ۾ (ن) ليگ جي حڪومت قائم ٿي، آزاد ڪشمير ۾ تعمير ۽ ترقيءَ جي دؤر جي شروعات ٿي، چونڊ مهم دوران ڪيل هڪ هڪ اعلان کي عملي جامو پهرائينداسين. پنجاب ۽ وفاق جي طرز تي هتي به تعمير ۽ ترقيءَ جي سونهري دؤر جي شروعات ڪنداسين. هو گذريل ڏينهن ايل اي-17 حويلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي اميدوار محسن عزيز جي وڏي عام جلسي کي خطاب ڪري رهيا هئا. انجنيئر امير مقام چيو ته غازين ۽ شهيدن جي ڌرتي پونڇ ۾ رهندڙن تي اسان کي فخر آهي جيڪي وطن جي دفاع لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري رهيا آهن، سندن ذهنن مان ڪوبه پاڪستان جي محبت نٿو ڪڍي سگهي. هن چيو ته لائن آف ڪنٽرول تي رهندڙن لاءِ پُختا بنڪر ۽ روڊن سميت ترقياتي ڪم ڪرايا پيا وڃن، اهي هر وقت ڀارتي فائرنگ جي نشاني تي آهن. هن چيو ته نواز شريف جو ماضي ۽ عوام سان محبت ۽ مريم نواز جي ڪارڪردگيءَ کي ڏسندي آزاد ڪشمير جي عوام (ن) ليگ کي واضح مينڊيٽ ڏنو آهي ۽ آزاد ڪشمير ۾ (ن) ليگ جي حڪومت بڻجي چڪي آهي. امير مقام چيو ته اسان ڪنهن جو حق نه ڦرينداسين پر ڪنهن کي حق ڦرڻ به ڏينداسين. ان حوالي سان ڪوبه خوش فهميءَ ۾ نه رهي، حقيقي مينڊيٽ اوهان جو حق آهي، اڄ جو جذبو ڏسي اسان چوڌري محسن عزيز کي مبارڪون ڏيون ٿا، هن نئين تاريخ رقم ڪئي آهي. 2021ع ۾ مريم نواز شريف به هتي خطاب ڪيو هو. هن چيو ته هتي جي عوام سان واعدو ڪريون ٿا ته سندن محروميءَ جو احساس ختم ڪنداسين جيڪو پيار هتان جي ماڻهن اسان کي ڏنو آهي اهو اسان جي ذهنن تي چٽيل آهي. هن چيو ته هي انهن جبلن ۾ رهندڙ محبِ وطن ماڻهو آهن، ڇاڪاڻ ته جبلن ۾ رهندڙن جي هڪ ئي زبان هوندي آهي، هو ان تي ڄمي ويندا آهن، اوهان جو نمائندو اوهان سان ڪيل واعدا پورا ڪندو. وفاقي وزير چيو ته ايل او سي جي ٻئي پار رهندڙن کي به اهو پيغام ڏيون ٿا ته اهي اڪيلا ناهن، اسان سندن ڪيس وڙهنداسين. هن پاڪ فوج جي قربانين کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته چيف مارشل سيد عاصم منير جي اڳواڻيءَ ۾ پاڻ کان 10 ڀيرا وڏي دشمن کي شڪست ڏني، 10 مئي کانپوءِ هڪ نئون پاڪستان وجود ۾ آيو، اسان کي هن وقت پاڪ فوج سان يڪجهتيءَ جون ريليون نه وسارڻ گهرجن، تڏهن هتي جي ماڻهن ۾ شهادت جو جذبو ڏٺو. هن چيو ته اليڪشن کانپوءِ جڏهن حڪومت سازي ٿيندي ته پوءِ محسن عزيز جهنڊي سميت هتي ايندو ته اسان به اوهان کي مبارڪون ڏيڻ اينداسين. هن ان موقعي تي ڪشمير بڻجندو پاڪستان ۽ (ن) ليگ زندهه باد جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا به لڳرايا. وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو ته جڏهن ڪشميري اهو نعرو بلند ڪندا آهن ته اسان پاڪستاني آهيون، پاڪستان اسان جو آهي ته 25 ڪروڙ عوام خوشيءَ سان تسليم ڪري ٿو ته هي پاڪستان اوهان جو آهي ۽ تحريڪ آزادي ڄمون ڪشمير دراصل پاڪستان جي تحريڪ آهي. پاڪستان ڪشمير کان بنا نامڪمل آهي، ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي، اسان ڪشمير آهيون ۽ ڪشمير اسان جو آهي ۽ اوهان پاڪستاني آهيو ۽ پاڪستان اوهان جو آهي، هي اسان جو رشتو آهي. هن چيو ته ڪشمير ۽ پاڪستان جي رشتي کي دنيا جي ڪابه طاقت ڪمزور نٿي ڪري سگهي. هندو اسان جو دشمن آهي جنهن اسان جي ڀائرن تي ظلم ڪيا آهن، لکين ڪشميرين پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن، حق جي ويڙهه جي ڪاميابيءَ کان پوءِ هندستان کي اها خبر پئجي چڪي آهي ته هو ڪنهن به طور پاڪستان جو مقابلو نٿو ڪري سگهي. پاڪستان جي هٿياربند فوج ۾ وڏي انگ ۾ آزاد ڪشمير جا پُٽ شامل آهن، انهن سان مقابلو ڪرڻ ڀارت جي وس جي ڳالهه ناهي، هو چڱيءَ ريت سمجهي چڪو آهي. هن چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي اڳواڻيءَ ۾ هٿياربند فوج ڀارت کي اهو سبق ڏنو جو اهو اڄ پاڪستان طرف ميري اک سان ڏسڻ جي جرائت به نٿو ڪري.

مزید خبریں