پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ معاهدو مسلم دنيا لاءِ هڪ تاريخي سنگ ميل آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي)پارلياماني معاملن جي وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته  پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ معاهدو مسلم دنيا لاءِ هڪ تاريخي سنگ ميل آهي.مڪه جوائنٽ ڊيفنس ايگريمينٽ گڏيل اعتماد ۽ ڏهاڪن تي مشتمل لازوال ڀائيچاري جي عڪاسي ڪري ٿو. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ هن چيو ته اهو تاريخي معاهدو اتحاد، اجتماعي سلامتي …

اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي)پارلياماني معاملن جي وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته  پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ معاهدو مسلم دنيا لاءِ هڪ تاريخي سنگ ميل آهي.مڪه جوائنٽ ڊيفنس ايگريمينٽ گڏيل اعتماد ۽ ڏهاڪن تي مشتمل لازوال ڀائيچاري جي عڪاسي ڪري ٿو. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ هن چيو ته اهو تاريخي معاهدو اتحاد، اجتماعي سلامتي ۽ اسٽريٽجڪ سهڪار جو واضع پيغام آهي. پائيدار امن ۽ علائقائي استحڪام لاءِ اهو دفاعي اتحاد انتهائي ضروري آهي. دعا آهي ته اهو اتحاد ٽنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪري. هن چيو ته اها دفاعي شراڪتداري ايندڙ نسلن لاءِ طاقت،يڪجهتي ۽ خوشحالي جو سبب بڻجندي.

مزید خبریں