اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن جو ڌيان ان طرف ڇِڪرايو آهي ته اثاثن ۽ بقايائن جي مالي سال 26-2025ع بابت گوشوارا جمع ڪرائڻ جي حتمي تاريخ 31 ڊسمبر آهي. اليڪشن ڪميشن جي بيان موجب اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي قلم 137 تحت سمورن پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن لاءِ ضروري آهي ته اهي پنهنجي گهر وارين ۽ ٻارن جي اثاثن …
پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن جي اثاثن ۽ بقايائن جي مالي سال 26-2025ع بابت گوشوارا جمع ڪرائڻ جي حتمي تاريخ 31 ڊسمبر آهي: اليڪشن ڪميشن

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن جو ڌيان ان طرف ڇِڪرايو آهي ته اثاثن ۽ بقايائن جي مالي سال 26-2025ع بابت گوشوارا جمع ڪرائڻ جي حتمي تاريخ 31 ڊسمبر آهي. اليڪشن ڪميشن جي بيان موجب اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي قلم 137 تحت سمورن پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن لاءِ ضروري آهي ته اهي پنهنجي گهر وارين ۽ ٻارن جي اثاثن ۽ بقايات جا مالي سال 26-2025ع جا گوشوارا ڄاڻايل فارم بي جي صورت ۾ مقرر تاريخ کان اڳ يا 31 ڊسمبر تائين اليڪشن ڪميشن وٽ جمع ڪرائين. سيڪشن 137 جي ماتحت قلم (2) تحت ڪميشن هڪ پريس رليز ذريعي هر سال پهرين جنوريءَ تي مقرر تاريخ تائين گهربل گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن جا نالا شايع ڪندو. ڪميشن 15 جنوري تائين ڄاڻايل گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙ پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪندو ۽ ڄاڻايل گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تائين اهي پارليامينٽ ۽ اسيمبليءَ جي ڪنهن به ڪارروائيءَ ۾ حصو نه وٺي سگهندا. جيڪڏهن ڪو ميمبر پنهنجي پيش ڪيل گوشوارن ۾ ڪا به معلومات غلط فراهم ڪرڻ ۾ ملوث مليو ته اليڪشن ڪميشن سيڪشن 137 تحت گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ کان 120 ڏينهن جي اندر ان خلاف ڪرپشن جي ڪارروائي ڪندو. فارم بي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ويب سائٽ www.ecp.gov.pk تان ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته لاڳاپيل صوبائي اليڪشن ڪمشنر جي آفيس، سينيٽ سيڪريٽريٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي سيڪريٽريٽ مان پڻ مفت حاصل ڪري سگهجي ٿي.










