پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اقتصادي تعاون جا وسيع موقعا موجود، حڪومت سيڙپڪاري ۽ جدت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي: قيصر احمد شيخ

اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) بورڊ آف انويسٽمينٽ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اقتصادي تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن، جن سان ٻنهي ملڪن جي گڏيل ترقي، سيڙپڪاري ۽ صنعتي تعاون کي نئين هٿي ملي سگهي ٿي، هو گلوبل سائوٿ انوويشن اينڊ انويسٽمينٽ سمٽ 2026ع ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته چين جي غير …

اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) بورڊ آف انويسٽمينٽ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اقتصادي تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن، جن سان ٻنهي ملڪن جي گڏيل ترقي، سيڙپڪاري ۽ صنعتي تعاون کي نئين هٿي ملي سگهي ٿي، هو گلوبل سائوٿ انوويشن اينڊ انويسٽمينٽ سمٽ 2026ع ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته چين جي غير معمولي معاشي ترقي مستقل ۽ تسلسل سان اختيار ڪيل پاليسيون، مؤثر منصوبا بندي ۽ اجتماعي فيصلن جو نتيجو آهن، جنهن سان پاڪستان به رهنمائي حاصل ڪري سگهي ٿو.   حڪومت سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ، صنعتي ترقي ۽ ڪاروبار دوست ماحول جي فراهميءَ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. قيصر احمد شيخ چيو ته نوجوان پاڪستان جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهن ۽ ملڪ جي تقريبن 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻَڌل آهي. هن زور ڀريو ته نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي، موجوده دؤر جي مهارتن سان تيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ته جيئن هو قومي معيشت ۾ مؤثر ڪردار ادا ڪري سگهن. سندس چوڻ هو ته روانگي واپار ۾ پائيدار واڌ لاءِ ويليو ايڊيشن اڻٽر آهي، خام مال جي روانگي واپار بدران ويليو ايڊڊ شين جي تياريءَ سان نه صرف ملڪي آمدنيءَ ۾ واڌ ٿيندي پر عالمي مارڪيٽن ۾ پاڪستان جي چٽاڀيٽي واري حالت پڻ بهتر ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته سيڙپڪاري بورڊ ملڪ ۾ سيڙپڪارن لاءِ سازگار ۽ ڪاروبار دوست ماحول جي فراهميءَ لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. حڪومت غير ضروري قاعدن ۽ ضابطن جي خاتمي، ڪاروباري آسانين کي هٿي وٺرائڻ ۽ سيڙپڪاريءَ جي عمل کي وڌيڪ شفاف ۽ مؤثر بڻائڻ تي توجهه ڏئي رهي آهي. هن چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪيو پيو وڃي ته جيئن هو اعتماد سان مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ۽ ملڪي معيشت جي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن.

مزید خبریں