اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت جي وفاقي وزير اورنگزيب کچي سان پاڪستان ۾ جمهوريه قازقستان جي سفير يرزان ڪستافين جمعي تي الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافت، ورثي،تعليم ۽ عوامي رابطن کي ۽ ٻه طرفا سهڪار کي هٿي وٺائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير سفير جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ ثقافتي لاڳاپن …
قومي ورثي ۽ ثقافت جي وفاقي وزير اورنگزيب کچي سان قازقستان جي سفير يرزان ڪستافين جي الوداعي ملاقات، ٻه طرفا سهڪار کي هٿي وٺائڻ تي ڳالهيون

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 آگسٽ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت جي وفاقي وزير اورنگزيب کچي سان پاڪستان ۾ جمهوريه قازقستان جي سفير يرزان ڪستافين جمعي تي الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافت، ورثي،تعليم ۽ عوامي رابطن کي ۽ ٻه طرفا سهڪار کي هٿي وٺائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير سفير جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ ثقافتي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سندس خدمتن جي تعريف ڪئي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ قائم ويجهو سهڪار سفير جي جانشين جي دور ۾ پڻ ان جذبي سان جاري رهندو. سفير ٻنهي ملڪن وچ ۾ ۽ مرڪزي ايشيا جي ملڪن وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ ڀائيچاري وارن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي چيو ته انهن مضبوط رابطن کي وڌيڪ فعال ۽ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ سال پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ سڌي ريت اڏامن جي شروعات ٿيندي جنهن سان سياحت، واپار ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي هٿي ملندي. وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اتفاق راءِ موجب ايندڙ سال پاڪستان جي وزيراعظم قازقستان جي امڪاني دوري سان ٻه طرفا لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي ۽ سهڪار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. سفير وفاقي وزير کي آگاه ڪيو ته قازقستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ اوپيرا ٿيٽر ۽ نيشنل ٿيٽر سميت ڪيترائي عالمي سطح تي مشهور ادارا موجود آهن. هن تجويز ڏني ته وزيراعظم جي امڪاني دوري جي موقعي تي ٻنهي ملڪن جي فنڪارن جي گڏيل ثقافتي پرفارمنسز جو اهتمام ڪيو ويندو، هن وفاقي وزير ۽ وفد کي قازقستان جي دوري جي پڻ دعوت ڏني ته جئين ثقافتي سهڪار جي نون امڪانن جو جائزو وٺي سگهجي. وفاقي وزير اورنگزيب عوامي رابطن ۽ ثقافتي سفارتڪاري کي هٿي وٺائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته قومي ثقافتي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن ۽ ان جا ماتحت ادارا، خاص ڪري لوڪ ورثي ، قازقستان جي سفارتخاني سان ويجهو سهڪار جاري رکندو ته جيئن وزيراعظم جي رهنمائيءَ ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿين. سفير ٻُڌايو ته قازقستان ثقافتي سرگرمين تي ٻَڌل هڪ جامع گڏيل ايڪشن پلان تيار ڪيو آهي جيڪو قازقستان جي ڪنهن به ڀائيوار ملڪ سان تيار ڪيل جامع ترين منصوبن مان هڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي ثقافتي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. وفاقي وزير ان تجويز جي آجيان ڪندي لاڳاپيل ادارن سان فوري رابطا ۽ عملي قدم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن وزيراعظم جي قازقستان جي امڪاني دؤري دوران انهن رٿائن تي اثرائتو عملدرآمد ممڪن بڻائي سگهجي. ان موقعي تي وفاقي وزير پاڪستان جي سالياني ثقافتي ميلي لوڪ ميله ۾ قازقستان جي فنڪارن ۽ ثقافتي وفدن کي شرڪت جي دعوت پڻ ڏني. سفير دعوت جي آجيان ڪندي چيو ته قازقستان ماضيءَ ۾ پڻ لوڪ ميله ۾ شرڪت ڪري چڪو آهي ۽ مستقبل ۾ ان ثقافتي مٽاسٽا کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي اڳواڻن ان عزم کي ورجاءُ ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائي ويندي ۽ گڏيل ايڪشن پلان ۾ شامل سمورن قدمن تي اثرائتو عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي عوام کي ان سهڪار مان ڀرپور فائدو حاصل ٿي سگهي.










