پي ڊي ايم اي سنڌ بورڊ جي 24هين اجلاس جو ٻيو مرحلو وڏي وزير جي بحاليءَ بابت صلاحڪار جي صدارت هيٺ منعقد

ڪراچي- 07 آگسٽ (اي پي پي) صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) سنڌ جي بورڊ جي 24هين اجلاس جو ٻيو مرحلو سنڌ جي وڏي وزير جي بحالي کاتي بابت صلاحڪار ۽ بورڊ جي چيئرمين گيانچند ايسراڻي جي صدارت هيٺ پي ڊي ايم اي هيڊڪوارٽرز ۾ ٿيو، جنهن ۾ مالي سال 2026-27 لاءِ 225 ملين رپين جي بجيٽ جي منظوري سميت آفتن جي تيارين، امدادي سامان جي معيار، افرادي …

ڪراچي- 07 آگسٽ (اي پي پي) صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) سنڌ جي بورڊ جي 24هين اجلاس جو ٻيو مرحلو سنڌ جي وڏي وزير جي بحالي کاتي بابت صلاحڪار ۽ بورڊ جي چيئرمين گيانچند ايسراڻي جي صدارت هيٺ پي ڊي ايم اي هيڊڪوارٽرز ۾ ٿيو، جنهن ۾ مالي سال 2026-27 لاءِ 225 ملين رپين جي بجيٽ جي منظوري سميت آفتن جي تيارين، امدادي سامان جي معيار، افرادي قوت ۽ جديد ٽيڪنالاجي بابت اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس دوران 23هين بورڊ اجلاس جي منٽن جي منظوري ۽ انهن تي عملدرآمد جو جائزو پڻ ورتو ويو.بورڊ پي ڊي ايم اي جي اضافي بجيٽ واري درخواست تي سيڪريٽري بحالي جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪا 15 ڏينهن اندر اضافي فنڊن جي ضرورت، استعمال ۽ مالي جواز بابت سفارشون پيش ڪندي، جن جي بنياد تي حتمي فيصلو ڪيو ويندو.اجلاس ۾ ڪراچي، ڄامشورو ۽ سکر ۾ قائم پي ڊي ايم اي جي گودامن ۾ موجود امدادي سامان جي جامع جاچ ۽ ٿرڊ پارٽي تصديق ڪرائڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته مستقبل ۾ وينڊرن کان خريد ٿيندڙ سموري سامان جي معيار جي جاچ به آزاد اداري ذريعي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جيئن شفافيت ۽ معيار کي يقيني بڻائي سگهجي.بورڊ اداري جي آپريشنل ضرورتن موجب سڄو سال مؤثر خدمتن لاءِ افرادي قوت جو جائزو وٺڻ خاطر پڻ ڪميٽي قائم ڪئي، جيڪا عملي جي موجوده انگ، ضرورتن ۽ مستقبل جي گهرجن بابت سفارشون پيش ڪندي. اجلاس ۾ هنگامي حالتن دوران گهربل سامان، ٽرانسپورٽ سروسز، تربيت يافته عملي ۽ راشن پيڪس جي فراهمي لاءِ فريم ورڪ ڪانٽريڪٽس ۽ ٽينڊر جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته سموري خريداري سنڌ پبلڪ پروڪيورمينٽ رولز تحت شفاف نموني ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو ويو.بورڊ کي آگاهه ڪيو ويو ته نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي هدايتن موجب پي ڊي ايم اي سنڌ لاءِ 12 جديد ريسڪيو ڊرونز خريد ڪرڻ جي اصولي منظوري طلب ڪئي وئي آهي. اجلاس فيصلو ڪيو ته خريداري کان اڳ ريسڪيو 1122 ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان فني راءِ ۽ تجربا حاصل ڪري ايندڙ اجلاس ۾ حتمي تجويز پيش ڪئي ويندي.اجلاس ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿيل ميڪينڪ سراج جي وارثن لاءِ خصوصي مالي امداد جي منظوري خاطر وڏي وزير سنڌ ڏانهن سمري موڪلڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو.ان موقعي تي گيانچند ايسراڻي چيو ته پي ڊي ايم اي جي سمورين سرگرمين ۾ شفافيت، معيار ۽ بروقت رسپانس کي اولين ترجيح ڏني پئي وڃي. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي، خاص طور ريسڪيو ڊرونز، آفتن دوران فضائي نگراني، ريئل ٽائيم مانيٽرنگ، فائر فائٽنگ ۽ واٽر بيسڊ ريسڪيو آپريشنز ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، جڏهن ته اداري کي هر هنگامي صورتحال لاءِ وڌيڪ مؤثر ۽ تيار بڻائڻ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن.اجلاس ۾ سيڪريٽري بحالي رفيق مصطفىٰ شيخ، ڊي جي پي ڊي ايم اي سيد سلمان شاهه، ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ فنانس سيد شاهه حسين شاهه، ريسڪيو 1122 جي چيف آپريٽنگ آفيسر ڊاڪٽر عابد جلال الدين ۽ مختلف کاتن جي نمائندن شرڪت ڪئي.