سنڌ جي گورنر سان آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير جي ملاقات

ڪراچي- 07 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجا ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گورنر هائوس ۾ جاري اسڪول جي ٻارن جي ”آءِ ٽي سمر ڪيمپ“ سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران وفاقي وزير شزا فاطمه خواجا گورنر هائوس ۾ ٻارن لاءِ منعقد ”اي آءِ سمر …

ڪراچي- 07 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجا ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گورنر هائوس ۾ جاري اسڪول جي ٻارن جي ”آءِ ٽي سمر ڪيمپ“ سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران وفاقي وزير شزا فاطمه خواجا گورنر هائوس ۾ ٻارن لاءِ منعقد ”اي آءِ سمر ڪيمپ“ جي واکاڻ ڪندي ان کي نوجوان نسل کي جديد ٽيڪنالاجي کان روشناس ڪرائڻ جي هڪ هاڪاري ۽ اثرائتي ڪاوش قرار ڏنو. ان موقعي تي نيشنل اي آءِ پاليسي، هٿرادو ذهانت جي شعبي ۾ نوجوانن کي جديد تعليم ۽ تربيت جي فراهمي ۽ کين مستقبل جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي حوالي سان به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته نوجوانن جي صلاحيتن کي ڪتب آڻڻ، کين آءِ ٽي ۽ هٿرادو ذهانت جي شعبن ۾ جديد مهارتن سان تيارڪرڻ ۽ ان شعبي ۾ وڌيڪ موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ مربوط قدم اڻٽر آهن، ملاقات ۾ پاڪستان جي ڊجيٽل مستقبل کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.