سنڌ جي گورنر پاران ڪي پي ڪي ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

ڪراچي- 07 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي خيبرپختونخوا ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران دهشت گردن خلاف ڪيل ٻن ڪامياب ڪاررواين تي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. گورنر چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي ٻن ڌار ڌار ڪاررواين ۾ هندستاني سرپرستي يافته فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 10 خوارج جو مارجڻ اسان جي فورسز جي اعليَ پيشيور مهارت ۽ بهادري جو واضح ثبوت آهي. هن …

ڪراچي- 07 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي خيبرپختونخوا ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران دهشت گردن خلاف ڪيل ٻن ڪامياب ڪاررواين تي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. گورنر چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي ٻن ڌار ڌار ڪاررواين ۾ هندستاني سرپرستي يافته فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 10 خوارج جو مارجڻ اسان جي فورسز جي اعليَ پيشيور مهارت ۽ بهادري جو واضح ثبوت آهي. هن واضح ڪيو ته سيڪيورٽي فورسز هڪ ڀيرو وري دهشت گردن خلاف پنهنجي غيرمعمولي صلاحيتن ۽ پختي عزم جو ڀرپور مظاهرو ڪيو آهي. گورنر چيو ته دهشت گرد ۽ سندن سهولتڪارن کي ڪنهن به صورت ۾ ملڪ جو امن تباه ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي سلامتي ،خودمختياري ۽ امن خلاف هر سازش کي قوم جي اتحاد ۽ سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن سان ناڪام بڻايو ويندو.