ڪراچي- 07 آگسٽ (اي پي پي) ڪراچي ۾ پوليس مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار. تفصيل موجب پاڪستان بازار ٿاڻي جي علائقي سيڪٽر 16 ۾ رات جو دير سان مبينه پوليس مقابلي ۾ 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندن قبضي مان ايمونيشن سوڌو غيرقانوني هٿيار،موبائيل فونز، روڪ رقم ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي. جمعي ڏينهن ايس ايس پي اولهه جي ترجمان موجب گرفتار زخمي جوابدارن ۾ …
ڪراچي ۾ پوليس مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار

مزید خبریں
ڪراچي- 07 آگسٽ (اي پي پي) ڪراچي ۾ پوليس مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار. تفصيل موجب پاڪستان بازار ٿاڻي جي علائقي سيڪٽر 16 ۾ رات جو دير سان مبينه پوليس مقابلي ۾ 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندن قبضي مان ايمونيشن سوڌو غيرقانوني هٿيار،موبائيل فونز، روڪ رقم ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي. جمعي ڏينهن ايس ايس پي اولهه جي ترجمان موجب گرفتار زخمي جوابدارن ۾ حسنين ولد ارشد ۽ نعمان ولد محمد سبحال شامل آهن. پوليس زخمي ڦورن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني آهي.











