اسلام آباد-28 آڪٽوبر (اي پي پي) روسي فيڊريشن ڪائونسل جي اسپيڪر ويلنٽينا آءِ مٽوينڪو چيو آهي ته روس ۽ پاڪستان وچ ۾ واپاري ڳاڻيٽو 50 سيڪڙو جي واڌاري سان پهريون ڀيرو هڪ ارب ڊالرن کان وڌي ويو آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌيڪ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسان جي پارلياماني حمايت ۽ ٻين خطن کي شامل ڪرڻ لاءِ ان ۾ واڌ جي ضرورت آهي، اسان جي هدفن ۽ ڪوششن …
روس ۽ پاڪستان وچ ۾ واپاري ڳاڻيٽو هڪ ارب ڊالرن کان وڌي ويو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌيڪ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ پارلياماني حمايت جي ضرورت آهي، اسان جي وفد جو موجوده دؤرو روس ۽ پاڪستان وچ ۾ سهڪار وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو: روسي فيڊريشن ڪائونسل جي اسپيڪر ويلنٽينا آءِ مٽوينڪو جو سينيٽ اجلاس کي خاص خطاب
اسلام آباد-28 آڪٽوبر (اي پي پي) روسي فيڊريشن ڪائونسل جي اسپيڪر ويلنٽينا آءِ مٽوينڪو چيو آهي ته روس ۽ پاڪستان وچ ۾ واپاري ڳاڻيٽو 50 سيڪڙو جي واڌاري سان پهريون ڀيرو هڪ ارب ڊالرن کان وڌي ويو آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌيڪ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسان جي پارلياماني حمايت ۽ ٻين خطن کي شامل ڪرڻ لاءِ ان ۾ واڌ جي ضرورت آهي، اسان جي هدفن ۽ ڪوششن ۾ تمام گهڻي هڪجهڙائي آهي، ضروري آهي ته اسان جلد گڏيل ڪوششن جي پڻ شروعات ڪريون، اسان پنهنجن ملڪن ۽ عوام جي مفاد خاطر روس ۽ پاڪستان وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم جاري رکڻ تي مڪمل اعتماد ڪريون ٿا. سينيٽ اجلاس کي خاص خطاب ڪندي هن چيو ته دؤري تي آيل پاڻ سان روسي وفد طرفان اوهان طرفان شاندار مهمان نوازي ۽ شاندار آجيان ۽ سينيٽ ۾ خطاب جو موقعو فراهم ڪرڻ تي اوهان جو تمام گهڻي ٿورائتي آهيان، اهو منهنجي لاءِ اعزاز آهي، مون کي هڪ ڀيرو ٻيهر اوهان جي خوبصورت ملڪ جو دؤرو ڪرڻ تي خوشي آهي، اوهان جو ملڪ يقينن قديم تاريخ ۽ ثقافت جي منفرد روايتن جو امين آهي. هن چيو ته مون کي يقيني آهي ته روسي فيڊريشن جو وزيراعظم ميخائل ميشوسٽن جو تازو هاڻوڪو دؤرو ۽ اسان جي وفد جو موجوده دؤرو روس ۽ پاڪستان وچ ۾ سهڪار وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي. مشڪل جي گهڙيءَ ۾ پڻ ماسڪو ۽ اسلام آباد ۾ رابطا جاري رکيا ويا. اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته عالمي ايجنڊا جي اڪثر معاملن جي باري ۾ اسان جي نقطه نظر ۾ هڪجهڙائي آهي. ٻيئي ملڪ افغان مسئلي جي حل ۽ وچ ايشيا جي سلامتي کي يقيني بنائڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا، مون کي يقين آهي ته عالمي سلامتي ۽ استحڪام، خلا ۾ هٿيارن جي استعمال جي روڪٿام، حياتياتي، ڪيميائي ۽ زهريلي هٿيارن جي بندش، غير قانوني پابندين جي حوصله شڪني ۽ راندين سميت سمورن شعبن ۾ سهڪار ۽ معاملن کي سياسي انداز ۾ حل ڪرڻ تي اتفاق برقرار رکنداسين. روس ۽ پاڪستان عالمي لاڳاپن ۾ گڏيل قومن جي مرڪزي رابطن جي حيثيت سان مضبوط ڪردار کي لڳاتار هٿي ڏني آهي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ اسان 26-2025ع لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي چونڊ جي آجيان ڪريون ٿا، پاڪستان اٺون ڀيرو گڏيل قومن جي غير مستقل سيٽ تي چونڊ ٿي آهي جيڪا اسلام آباد جي گڏيل قومن جي منشور جي اصولن ۽ روح سان وابستگيءَ جو ثبوت آهي. مون کي يقين آهي ته سلامتي ڪائونسل جي جوڙجڪ ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي حاصل ڪرڻ ۽ مختلف عالمي مسئلن جي حل ۾ پاڪستاني عوام ۽ قيادت جي سوچ مددگار ثابت ٿيندي. دنيا جي ڪيترن ئي خطن ۾ گڏيل قومن جي امن مشز ۾ پاڪستان جي فعال شرڪت ان ڳالهه جو ثبوت آهي، اسان کي مختلف کنڊن، ترقياتي ماڊلز، مذهبن، مختلف تهذيبن ۽ ثقافتن جي نمائندا تنظيم برڪس سان سهڪار کي مضبوط ڪرڻ ۾ پاڪستان جي دلچسپيءَ جو مڪمل ادراڪ آهي، اها تنظيم گهڻ رُخي تنظيم جو روپ اختيار ڪري چڪي آهي جنهن جو هر ميمبر مساوات، بهتر پاڙيسرين سان ناتن ۽ گڏيل احترام جو حامي آهي. هن چيو ته سينيٽ آف پاڪستان انهن قدرن سان مڪمل طور متفق آهي ۽ عالمي سطح تي ان کي عملي جامو پارائڻ جو خواهشمند آهي. اسان جي اها خواهش آهي ته بين الپارلياماني يونين ۽ ايشيائي پارلياماني اسيمبلي سميت گهڻ ملڪي فورمز جي سطح تي رابطا وڌيڪ پُختا ۽ گهرا ڪيا وڃن. هن چيو ته گڏيل سهڪار جي فريم ورڪ کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اسان ٻنهي ملڪن جي حوالي سان اسان جي پارليامينٽس جي گڏيل ڪردار تي تمام گهڻو دارومدار آهي، ان سلسلي ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن جي هاڪاري ڪردار کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته واپاري ۽ معاشي ناتن کي هٿي وٺرائڻ سوڌو ڪيترن ئي شعبن ۾ اڃا وڌيڪ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. سوويت يونين پاڪستان کي تيل ۽ گيس جي صنعت جي ترقي ڏيڻ، توانائيءَ جي اهم ٺڪاڻن جي تعمير ۽ زرعي مشينري فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. 80-1970ع جي ڏهاڪي ۾ سوويت يونين ڪراچيءَ ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي تعمير ۾ مدد ڪئي، جيڪا اسان جي دوستيءَ جي علامت بڻجي وئي، جيڪا اڃا تائين جاري آهي، رڳو گذريل سال دوران روس ۽ پاڪستان وچ ۾ واپاري ڳاڻيٽي ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ جو اضافو ٿيو ۽ اهو پهريون ڀيرو هڪ ارب ڊالرن کان وڌي ويو. هن سال جنوريءَ کان آگسٽ دوران ان ۾ وڌيڪ 13 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، ان هاڪاري اڳڀرائيءَ جي حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته گذريل سال روس جي خام مال جي پهرين کيپ ڪراچي جي بندرگاهه تي پهتي هئي ۽ سال جي پڄاڻيءَ تائين روس طرفان ان جو حصو 20 سيڪڙو کان وڌي ويو . هن چيو ته فيڊريشن ڪائونسل، اسان جون خاص ڪميٽيون، ماهرن تي ٻَڌل مشاورتي ادارا، بين المذاهب هم آهنگي ۽ بين المذاهب ناتن جي موضوع تي خاص ڌيان ڏيندي آهي، قانونسازيءَ جي حوالي سان روس جا پارليامينٽ ميمبر روايتي روحاني قدرن کان رهنمائي حاصل ڪندا آهن، اهي اهم مسئلا به مستقل طور تي توهان جي ڌيان جو مرڪز آهن. هن چيو ته مختلف مذهبن جي اڳواڻن سان بهتر ناتا قائم ڪرڻ ۾ پارليامينٽ کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو آهي. مذهبي ادارن سان گڏجي روس جي پارليامينٽ ميمبرن بنيادي اخلاقي ۽ روحاني قدرن ۽ـ خانداني روايتن جي حفاظت لاءِ ڪوششون ڪيون آهن، اهڙيءَ طرح روس ۾ هن سال کي خاندان جو سال قرار ڏنو ويو آهي. هن چيو ته منهنجي ملڪ ۾ مختلف عقيدن، نسلن، مقامي ٻولين جا ماڻهو صدين کان امن ۽ هم آهنگيءَ سان رهي رهيا آهن. روس ۾ اسلام کي روايتي مذهبن مان هڪ سمجهيو ويندو آهي ۽ـ مسلمان اُمت اسان جي معاشري جو هڪ لازمي جُز آهي جيڪا امن ۽ هم آهنگي کي برقرار رکڻ، مادرِ وطن جو دفاع ڪرڻ، ثقافتي اؤسر جي تحفظ، خانداني ناتن کي مضبوط بڻائڻ ۽ نوجوانن کي تعليم ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چي ته پاڪستان کيس عورتن جي عزت جو احساس ٿيڻ تي خوشي ٿي آهي، ان ايوان ۾ عورت سينيٽرز کي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. هن چيو ته تاريخي لحاظ کان ڏٺو وڃي ان ۾ واضح مثال پاڪستان ۽ مسلمان دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو جو آهي جنهن جي بايوگرافي دختر مشرق جو روسي ٻوليءَ ۾ به ترجمو ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ هن لِکيو آهي ته سياست ڪنهن به معاشري ۾ هڪ عورت لاءِ مشڪل شعبو آهي. کيس اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ته اها مردن جي برابر آهي ڪيترن ئي ڏُکيائين ۾ گذرڻو پوندو آهي. اها ڳالهه يقيني طور تي سمورن ملڪن جي عورتن لاءِ سچ آهي پر اسان ڏسي سگهون ٿا ته صورتحال بهتري طرف گامزن آهي. هن چيو ته اسان ٻنهي ملڪن ۾ ڪيتريون ئي هڪجهڙايون آهن، روس ۽ پاڪستان وفاقي رياست آهن. روس ۽ پاڪستان ٻنهي جي پارليامينٽ ٻن ايوانن تي ٻَڌل آهي. هن چيو ته پاڪستان جي چيمبر سينيٽ کي هائوس آف فيڊريشن به چيو ويندو آهي جنهن سان ذهن ۾ وفاقي ڍانچي جي تصور اُڀرندو آهي، اهڙيءَ طرح اسان جو چيمبر، فيڊريشن ڪائونسل جي چيمبر آف ريجنز سڏرائيندو آهي، اهڙيءَ طرح ڪيتريون ئي شيون هڪجهڙائي رکن ٿيون. هن چيو ته خطي ۾ پاڪستان سان سهڪار کي سگهارو بڻائڻ ۽ هٿي وٺرائڻ ۾ دلچسپي وڌي رهي آهي، ان سلسلي ۾ ويجها بين العلائقائي ناتا وڏي اميد ڏياريندڙ آهن. سينٽ پيٽرزبرگ ۽ سنڌ صوبي وچ ۾ سڌيءَ ريت ناتا قائم ڪرڻ جو معاهدو موجود آهي، جنهن تي 2017ع ۾ صحيحون ٿيون هيون. مون کي يقين آهي ته سهڪار جي ان رستي کي اسان جي پارلياماني حمايت جي ضرورت آهي ۽ـ ٻين خطن کي شامل ڪرڻ لاءِ ان ۾ اضافو ڪرڻ جي ضرورت آهي.











