رامالله -30مئي (اي پيپي ) فلسطين جي وزارت صحت چيو اهي ته اسرائيل پاران اهڙوڪو به شارو ناهي مليو جيڪو رفع راهداري کي انساني بنيادن تي طبي ضرورتن جي فراهمي لاءِ ياانساني بنيادن تي امدادي سامان کي غزه ۾ منتقل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ تيار آهي العربيه موجب صحت واري وزير ماجد ابو رمضان جنيوا ۾ رپورٽرز سان ڳالهائيندي چيو ته جڏهن کان رفح راهداري بند ڪئي وئي آهي تڏهن کان ڪو اهڙو اشارو ناهي مليو ته اسرائيل ان کي جلد کولڻ طرف راغب ٿئي صحت واري وزير جنيوا ۾ ورلدهيلٿ اسمبلي جي سلسلي ۾ آيل غزه جنگ ۾ زخمين مريضن جي حوالي سان ماڻهن سان ڳالهائي رهيو هو هن چيو ته رفح راهداري غزه ۾ انساني بنيادن تي سامان جي فراهمي جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي ان کي اسرائيلي فوج رفح حملي سان گڏ بند ڪري ڇڏيو آهي .