رياض-22 مئي(اي پي پي)سعودي عرب جي ولي عهد شهزادي محمد سلمان چيو آهي ته شاه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي صحت بهتر آهي، ميڊيا رپورٽن موجب گذريل ڏينهن ڪابينه جي اجلاس دوران شاه سلمان بن عبدالعزيز السعود جي صحت جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته شاه سلمان جو گذريل ڏينهن شاهي ڪلينڪ ۾ طبي معائنو ڪيو ويو هو،اجلاس دوران سعودي ولي عهد ڪونسل جي عرب ليگ سربراه اجلاس جي نتيجن کان پڻ آگاه ڪيو ۽ عرب معاملن، گڏيل ايڪشن ڊيولپمنٽ ،علائقائي سلامتي ۾ اضافي ۽ عرب مفادن جي دفاع لاءِ مملڪت جي عزم تي زور ڀريو، هن چيو ته شاه سلمان بن عبدالعزيز آل سعودي جو السلام پيلس جي شاهي ڪلينڪ ۾ طبي معائنو ڪيو ويو آهي، هن کي معمولي بخار هو ،بعد ۾ شاه سلمان جي ڦڦڙن ۾ سوڄ جي تشخيص ٿي آهي سندس علاج لاءِ هن کي اينٽي بائيو ٽڪس جو هڪ ڪورس تجويز ڪيو ويو آهي.