منامه-17 مئي (اي پي پي ) عرب ليگ جي سيڪرٽري جنرل انتونيو گوتريش سان غزه ۽ سوڊان جي تازه ترين صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي . شنهوا موجب ايڪس اڪائونٽ تي پنهنجي بيان ۾ عرب ليگ جي سيڪرٽري جنرل احمد ابو الغيث چيو ته بحرين جي گادي واري هنڌ منامه ۾ ٿيندڙ 33هين عرب ليگ جي سربراهي اجلاس کان اڳ گڏيل قومن جي اڳواڻ سان ملاقات ڪئي آهي هن چيو ته ( يو اين آر ڊبليو اي ) جي جنرل ڪمشنر فلپ لازاريني ۽ سوڊان لاءِ گڏيل اجلاس جي سيڪرٽري جنرل جي خصوصي نمائندي رامتن لامرا به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي هن چيو ملاقات دوران اسان غزه جي پٽي ۾ اسرائيل جي جاري حملن ۽ فلسطين عوام تي انهن حملن جا تباهه ڪندڙ اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي سيڪريٽري جنرل احمد ابو الغيث چيو ته انروا جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي اهو سڀني کي خبر آهي هن ان ڪردار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي احمد ابو الغيث چيو ته مستقبل ۾ فلسطين جو مسئلي تي ٻه رياستي حل کي ٺوس بنائڻ تي به ڳالهه ڪئي آهي هن ۽گڏيل قومن جي اڳواڻ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته سودان جي صورتحال خطرناڪ آهي ملڪ ۾ جاري تڪرار کي روڪڻ ۽ رياستي ڊهانچي جي تحفظ طرف ڌيان ڏياريو عرب ليگ جي سيڪريٽري جنرل ابو الغيث ان مشڪل عمل تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سوداني عوام جي مدد ي اهميت طرف اشارو ڪيو .