اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 9 مئي جي واقعن کي رياست ۽ ان جي ادارن جي خلاف بغاوت قرار ڏيندي چيو آهي ته 9 مئي پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن هو، 9 مئي جي واقعن جو اصل مقصد جمهوريت جو خاتمو، آئين جي پائمالي ۽ واحد شخص جي بادشاهت ۽ آمريت قائم ڪرڻ جو ڪڌو منصوبو هو، سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته هڪ سال گذرڻ جي باوجود 9 مئي جي ڏوهارين کي اڃا تائين سزا نه ملي سگهي، ملڪ جي خلاف سازش ڪندڙ مڪروهه چهرا بي نقاب ٿي ويا آهن، پوري قوم کي ٻڌي ۽ اتحاد سان اهو پيغام ڏيون ٿا ته پنهنجي شهيدن، هيروز ۽ انهن جي گهرڀاتين کي سدائين ياد رکيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي خصوصي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته 9 مئي پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن هو. ان ڏينهن دفاعي ادارن، شهيدن ۽ غازين جي يادگارن تي حملا ڪيا ويا. وزيراعظم چيو ته 9 مئي جا واقعا رياست، پاڪ فوج ۽ پاڪ فوج جي سپهه سالار جنرل عاصم منير جي خلاف بغاوت هئي. وزيراعظم چيو ته پارليامينٽ هائوس جي عمارت ۾ وفاقي ڪابينا جو خصوصي اجلاس منعقد ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته پوري قوم کي اسان اهو ٻڌائي سگهون ته هي ايوان قوم جي ملڪيت آهي ۽ توهان جي حقن جي ترجماني جو مرڪز آهي. پارليامينٽ جي عمارت مان پوري قوم کي هڪڙو ۽ ٻڌي سان اهو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته اسان پنهنجي شهيدن، پنهنجي هيروز ۽ انهن جي گهرڀاتين کي سدائين ياد رکنداسين ۽ انهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندا رهنداسين. اڄ اسان کي ان ڳالهه جو وچن ڪرڻو پوندو ته پاڪستان کي گڏجي بحرانن مان ڪڍي معاشي بهتري جي رستي تي گامزن ڪنداسين. وزيراعطم چيو ته اسان کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته اهي حملا ڇو ڪيا ويا، مئي 2023ع ۾ پي ڊي ايم جي حڪومت پاڪستان کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، جيڪڏهن هڪ ڪـٺ پتلي حڪومت کي آئيني طريقي سان نه هٽايو وڃي ها ته شايد اهي حملا نه ٿين ها. هن چيو ته دوست ۽ ڀائر ملڪن سان پاڪستان جي لاڳاپن کي خرابي جي انتها تائين پهچايو ويو هو ۽ پي ڊي ايم جي حڪومت انهن لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ جي ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهي هئي. انهي لاءِ اهي حملا ڪيا ويا هئا ته اهي لاڳاپا ٻيهر قائم نه ٿين. جيڪڏهن پي ڊي ايم جي حڪومت خانه ڪعبه جي ماڊل واري گهڙيءَ، زيورن ۽ زمينن جي خريد ۽ وڪري ۽ ڪرپشن جي ڀرمار جو نوٽيس نه وٺي ها ته 9 مئي 2023ع تي شايد اهي حملا نه ڪيا وڃن ها، جيڪڏهن پي ڊي ايم جي حڪومت 190 ملين پائونڊ جي جيڪا بدترين بدديانتي ۽ قومي ڏوهه جو نوٽيس نه وٺي ها ته شايد اهي حملا نه ڪيا وڃن ها. جيڪڏهن پي ڊي ايم جي حڪومت اهم عهدن تي ميرٽ کان هٽي ڪري مقرريون ڪري ڇڏي ها ته شايد اهي حملا نه ٿين ها. هن چيو ته جيڪڏهن چيف اليڪشن ڪمشنر فارن فنڊنگ ڪيس جو نوٽيس نه وٺي ها ۽ اسٽيٽ بئنڪ وٽ ناقابل ترديد ثبوتن کي نظرانداز ڪيو وڃي ها ته شايد اهي حملا نه ٿين ها. وزيراعظم چيو ته 9 مئي تي نه رڳو ملڪ پر رياستي ادارن جي خلاف بغاوت ڪئي وئي. وزيراعطم چيو ته ڪير جمهوري ۽ آئين ۽ قانون تي عمل پيرا ملڪ پنهنجي هيروز ۽ شهيدن تي اهڙي طرح جي رويي کي برداشت نٿو ڪري سگهي. ڇا آمريڪا ۽ برطانيا ۾ فسادن کي سزائون نه ڏنيون ويون. اهڙن پنهنجي ذات جي لاءِ فساد پکيڙيندڙن کي قانون هر جڳهه تي پنهنجي پڪڙ ۾ ورتو. وزيراعظم چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي تاريخي جدوجهد ۽ قربانين ۾ ڪو اهڙو مثال نه ٿو ملي ته جتي بدزباني، گارگند ۽ اهڙي طرح جا حربا استعمال ڪيا ويا هجن. قائداعظم جي قيادت ۽ تحريڪ انهن سمورين شين کان بلند آهي ۽ اهو پوري قوم جي لاءِ هڪ مثال آهي. پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ سياستدان سخت کان سخت حالتن مان گذريا ۽ قربانيون ڏنيون آهن. انهن جيلون ۽ هٿڪڙيون برداشت ڪيون پر پاڪستان جي تاريخ گواهه آهي ته 9 مئي جي واقعن کانسواءِ جڏهن به سياستدان مشڪل حالتن مان گذريا، انهن پاڪستان کپي جو نعرو هنيو ۽ سڀ ڪجهه برداشت ڪيو پر ملڪ جي خلاف هڪ لفظ ڳالهائڻ ته پري جي ڳالهه سوچيو تائين نه. وزيراعظم چيو ته 9 مئي جا حملا ڪندڙ چاهين ٿا ته انهن واقعن تي ڪوڙ جو پڙدو وڌو وڃي، اهي نڪ جي ڏاڍائي سان ڪوڙ ۽ ٻين حربن جي ذريعي قوم جو ڌيان هٽائڻ چاهين ٿا. انهن ئي عنصرن 35 پنڪچرز جي ڳالهه ڪئي هئي پر جڏهن حقيقت سامهون آئي ته انهن وٽ منهن لڪائڻ جي لاءِ جڳهه نه هئي. انهن سائفر جي حوالي سان ڪهڙا ڪهڙا پاسا نه بدلايا، ڪڏهن ان کي آمريڪي سازش قرار ڏنو ۽ پاڪستان جي لاڳاپن کي بگاڙڻ جو سبب بڻيا. دوست ملڪن سان لاڳاپن کي خراب ڪيو جن کي اسان بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته 9 مئي جي واقعن جا دل ڏکوئيندڙ منظر پوري قوم ڏٺا آهن پر جن پنهنجي جٿن کي وڊيوز ۽ ٽيليفون جي ذريعي اتساهيو، جلاءُ گهيراءُ ڪرايو ۽ بغاوت جو هڪ منظم پروگرام ٺاهيو اهي اڄ ان کان انڪار ڪن ٿا ۽ ڪوڙ جي ذريعي حقيقتن کي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر سچ کي نٿو لڪائي سگهجي. جهڙي طرح جٿا حملي آور ٿيا ان کي براشت نه ٿو ڪري سگهجي. دشمن کي به ڪڏهن جرئت نه ٿي ته هو اهڙي طرح جي حرڪت جو سوچي سگهي، دشمن حملو ڪيو ته ان کي منهن ٽوڙ جواب مليو. وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه طئي آهي ته اهو بغاوت جو هڪ منظم منصوبو هو ۽ ان جي پوري طرح منصوبابندي ڪئي وئي ۽ جٿن کي ٻڌايو ويو هو ته ڪڏهن ڪٿي ۽ ڪهڙي وقت حملو ڪرڻو آهي. اها منظم سازش رڳو اها ئي نه هئي ته شهيدن، هيروز ۽ ادارن جي بي توقيري ڪرڻي آهي پر اها ملڪ، ادارن جي خلاف بغاوت هئي ۽ پاڪستان جي عوام ورڇ ڪرڻ ۽ ويڙهائڻ جي سازش هئي. ان کانسواءِ ٻيو ڪو منصوبو ٿي نه ٿو سگهي. دشمن جڏهن به ملڪ جي خلاف حملي جي ڪوشش ڪئي ته ان کي هٿياربند فوج منهن ٽوڙ جواب ڏنو. وزيراعظم چيو ته سوشل ميڊيا تي ٻاهرئين ملڪ فارن فنڊنگ جيڪي ڪڙيون ملن ٿيون ان جي ذريعي زهريلي پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي. اهو ڪڌو ڪردار آهي، ملڪ جي اندر تفاوت کي ان حد تائين پهچايو آهي. ملڪ دشمن عنصر همدرديءَ جو لباس اوڍي بدترين ملڪ دشمني جو مظاهرو ڪري رهيا آهن. ملڪي معاشي شهه رڳ وڍڻ جي لاءِ آءِ ايم ايف کي خط لکرايا ويا. آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ سان ڳالهين ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. فارن فنڊنگ جي ذريعي ملڪ جي خلاف لابنگ ڪئي وئي. انهن جا مڪروهه چهرا ۽ ڪردار عوام جي آڏو اچي چڪا آهن. وزيراعظم چيو ته 9 مئي جي واقعن جو اصل مقصد جمهوريت جو خاتمو، آئين جي پائمالي ۽ واحد شخص جي بادشاهي ۽ آمريت قائم ڪرڻ جو ڪڌو منصوبو هو. ان مقصد جي لاءِ ملڪ جي اندر عوامي اتحاد کي ٽوڙڻ فوج جي لاءِ عوام جي محبت جي جذبن کي ختم ڪرڻ ۽ بغاوت جي ذريعي گهرو ويڙهه پکيڙڻ هو. الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان ڪروڙين عوام جي دعائن سان اهو ناپاڪ منصوبو ڪامياب نه ٿي سگهيو ۽ سدائين جي لاءِ دفن ٿي ويو. وزيراعظم چيو ته سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته هڪ سال گذرڻ ۽ واضح ثبوتن جي باوجود 9 مئي جي ڏوهارين کي اڃا تائين سزا نه ملي سگهي ۽ انهن کي ڪٽهڙي ۾ ناهي آندو ويو ۽ آئين ۽ قانون موجب سزائون نه ملي سگهيون. هي اهو چُڀندڙ سوال آهي جيڪو پوري قوم پنهنجو پاڻ کان، اسان کان ۽ انهن ادارن کان جن تي ذميواري فرض ڪئي وئي آهي پڇي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان پنهنجي شهيدن ۽ پنهنجي هيروز کي سلام پيش ڪريون ٿا. سمورين اتحادي پارٽين جا ٿورائتا آهيون جو انهن پوري طرح سان حڪومت جي حمايت ڪئي آهي. اهڙي طرح اعليٰ عدليه جا به ٿورائتا آهيون، چيف جسٽس سپريم ڪورٽ پڻ يقين ڏياريو ته سالن کان عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ايف بي آر جي 2700 ارب رپين کان وڌيڪ جي معاملن کي اڪلائڻ ۾ مدد ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته منهنجو سعودي عرب جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو آهي. جهڙي طرح سان گڏجي 9 مئي جي سازش کي ناڪام بڻايو آهي اهڙي طرح پاڪستان جي خلاف اڳتي به ٿيندڙ سازشن کي ناڪام بڻائينداسين. ڏينهن رات اڻٿڪ محنت جي ذريعي ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي طرف گامزن ڪنداسين. ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سيد نويد قمر چيو ته 9 مئي جهڙو دل ڏکوئيندڙ واقعو پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به نه ٿيو، جيڪي ماڻهو انهن واقعن ۾ سڌوسنئون ملوث هئا انهن جا ٽرائل ٿيندا. 9 مئي جا ثبوت واضح آهن انهن ماڻهن کي سامهون آندو وڃي. استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عليم خان چيو ته 9 مئي ملڪي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي. ملڪ جي عزت سڀني تي مقدم آهي. اسان جي هيروز جي علامتن تي حملا ڪيا ويا. ملڪي ٺڪاڻا سڀني جي لاءِ ريڊ لائين آهن. اظهار جي آزادي جو اهو مطلب نه آهي تهملڪ جي عزت ۽ وقار کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. سياستدانن کي ملڪ جي وقار جو هر صورت ۾ خيال رکڻ گهرجي. مسلم ليگ ضيا جي سربراهه اعجاز الحق چيو ته پنهنجي سڄي سياست ۾ 9 مئي جهڙو واقعو ڪڏهن به نه ڏٺو. قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته ملڪن جي تاريخ ۾ 9 مئي جهڙا واقعا قابل قبول ناهن هوندا. ملڪي معيشت کي سهارو ڏيڻ جي لاءِ استحڪام ضروري آهي. 5 جنوري 2024ع تي نگران ڪابينا 9 مئي جي واقعن جي حوالي سان ڪابينا جي هڪ ذيلي ڪميٽي جوڙي هئي. ان جي ٽي او آرز ۾ اها شيءَ شامل هئي ته 9 مئي جي واقعن جي محرڪ بڻجندڙ معاملن جي جاچ ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ ڪميٽي انهن واقعن جي ذميوار پي ٽي آءِ جي قيادت تي وڌي آهي ۽ پنهنجي رپورٽ ۾ سفارشون ڏنيون آهن. ان کانسواءِ قانونسازي جي حوالي سان پڻ قدمن کي رپورٽ جو حصو بڻايو آهي. اها هڪ مفصل رپورٽ آهي جنهن ۾ سمورين حقيقتن سان گڏوگڏ سببن جو جائزو ورتو ويو آهي.