نئين دهلي -04 سيپٽمبر (اي پي پي ) خالصتان تحريڪ جي مشهور اڳواڻ ۽ سکهه فار جسٽس (ايس ايف جي ) جي باني ڪرپتونت سنگهه پنن سکن ۽ ڪشميرين کي اپيل ڪئي آهي ته سيپٽمبر جي ٻئي هفتي۾ نئين دهلي وڃن ۽ جي 20 سربراهي اجلاس واري هنڌ مارچ ڪن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ٻن ڏينهن جو جي 20 سربراهي اجلاس 9 ۽ 10 سيپٽمبر تي نئين دهلي ۾ منعقد ٿيندو سکهه اڳواڻ هڪ وڊيو پيغام ۾ ماڻهن کي پريتي ميدان طرف مارچ ڪرڻ جي اپيل ڪئي جتي جمعي جي نماز کان پوءِ سربراهي اجلاس نمعقد ٿيندو انهن دهلي جي آئي جي آئي هوائي اڏي تي جهنڊو لهرائن جي ڌمڪي ڏني . اهو بيان دهلي جي ڪيترن ئي ميٽرو اسٽيشنز تي خالصتان جي حق ۾ وال چاڪنگ واري ڏينهن کان پوءِ پيش آيو آهي . پوليس ڀارت مخالف نعرا درج ڪرڻ تي ايس ايف جي سان وابسته ٻن ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو نئين دهلي جي پرڏيهي علائقي ۾ جي 20 سريبراهي اجلاس کي هن وقت ڀارت جي واضح ناڪامي سمجهيو ٿو وڃي چين ۽ روس جهيڙن ٻن وڏن ملڪن جي صدرن اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪيوآهي .