ميدانِ عرفات-27 جون (اي پي پي) حج 1444هه جي خطيب ڊاڪٽر شيخ يوسف بن محمد چيو آهي ته فرقو وِجهڻ ۽ نفرت پکيڙڻ گناهه آهي، شريعت افواهه پکيڙڻ کان منع ڪيو آهي، اهوئي سبب آهي جو الله تعاليٰ ڪوڙي جي خبر جي تحقيق جو حڪم ڏنو آهي، شريعت کان دُوري اختيار ڪندڙ پنهنجي اصلاح ڪن ۽ دين طرف واپس اچن، سمورن مسلمانن کي گڏيل اتحاد، محبت ۽ اُلفت سان رهڻ …
الله ۽ سندس رسول صلي الله عليه وسلم جي اطاعت ۽ توحيد تي عمل ڪرڻ سان ئي اسان جي نجات جو واحد ذريعو آهي، فرقو وِجهڻ ۽ نفرت پکيڙڻ گناهه آهي، صاحب حيثيت مسلمان پنهنجي ٻئي مسلمان ڀاءُ جي مدد ڪري ۽ هميشه خير جي ڪم ۾ حصو وِجهي، الله پاڪ نماز قائم ڪرڻ، روزا رکڻ ۽ سرنديءَ وارن ماڻهن کي بيت الله جو حج ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، اسان کي پنهنجي ويجهن رشتيدارن، يتيمن، مسڪينن ۽ پنهنجي ساٿين سان به سهڻو سلوڪ اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي: ڊاڪٽر شيخ يوسف بن محمد جو حج جو خطبو

مزید خبریں
ميدانِ عرفات-27 جون (اي پي پي) حج 1444هه جي خطيب ڊاڪٽر شيخ يوسف بن محمد چيو آهي ته فرقو وِجهڻ ۽ نفرت پکيڙڻ گناهه آهي، شريعت افواهه پکيڙڻ کان منع ڪيو آهي، اهوئي سبب آهي جو الله تعاليٰ ڪوڙي جي خبر جي تحقيق جو حڪم ڏنو آهي، شريعت کان دُوري اختيار ڪندڙ پنهنجي اصلاح ڪن ۽ دين طرف واپس اچن، سمورن مسلمانن کي گڏيل اتحاد، محبت ۽ اُلفت سان رهڻ ۽ فرقيواريت کان پري رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، اسان کي پنهنجي اولاد کي به اجتماعيت جي تلقين ڪرڻ گهرجي، باطل جي پوري جماعت جي ڀيٽ ۾ حق لاءِ اڪيلو اُٿي بيهڻ وڌيڪ بهتر آهي، هر مؤمن ٻئي مؤمن لاءِ هڪ وڏي عمارت جيان آهي، ان لاءِ هر مسلمان کي گهرجي ته ان عمارت جو ٿنڀ بڻجي ان کي مضبوط بڻائي، سڄو عالمِ اسلام هڪ ڪٽنب جيان آهي، جيڪڏهن ڪٽنب ٺيڪ هوندو ته سڄو معاشرو ٺيڪ ٿي ويندو. رسول الله صلي الله عليه وسلم خاتم النبيين آهي، الله ۽ سندس رسول صلي الله عليه وسلم جي اطاعت ۽ توحيد جي عقيدي تي عمل ڪري ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهون ٿا. مسجد نمريٰ ۾ حج 1444هه جو خطبو ڏيندي هن چيو ته اسان سڀني جو گڏجي ويهڻ اجر جو سبب آهي، فرقيواريت وِجهڻ ۽ نفرت پکيڙڻ گناهه آهي، نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم اسان جي دلين کي جوڙيو، نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم الله جو رسول بڻجي آيو ۽ الله جو پيغام اسان تائين پهچايو ته الله کان سواءِ ڪو عبادت جي لائق ناهي، سمورا مسلمان الله کان ڊڄن، شريعت جي پاسداري ڪن، الله جي حدن جي تحفظ ڪن، جيڪي ماڻهو الله جي حدن جو تحفظ ڪندا آهن انهن لاءِ عظيم اجر آهي، هن چيو ته الله جو حڪم آهي ته الله کانسواءِ ڪنهن جي به عبادت نه ڪريو، توحيد تي عمل ڪرڻ سان ئي نجات حاصل ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته الله تعاليٰ ڪيترن ئي ماڻهن کي هدايت ڏني ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي هدايت کان دُور ڪري ڇڏيو. ڪوڙن جو خراب انجام ٿيو، اسان کي الله جي طرف واپس وڃڻو آهي، رسالت جي گواهيءَ کي الله پاڪ اسان لاءِ خاص ڪري ڇڏيو آهي. رسول الله صلي الله عليه وسلم خاتم النبيين آهن. هن چيو ته صاحب حيثيت مسلمان پنهنجي ٻئي مسلمان ڀاءُ جي مدد ڪري ۽ هميشه خير جي ڪم ۾ حصو وِجهي. الله پاڪ نماز قائم ڪرڻ، روزا رکڻ ۽ سرنديءَ وارن ماڻهن کي بيت الله جو حج ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. هن چيو ته اسلام اهو آهي ته اسان الله ۽ رسول الله صلي الله عليه وسلم جي گواهي ڏيؤن، ، اهڙيءَ طرح الله جي پاڪ فرشتن، ڪتابن ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻڻ به فرض آهي. هن چيو ته الله پاڪ هر مسلمان تي پنهنجي ٻئي ڀاءُ جي مال، جان ۽ عزت کي حرام قرار ڏنو آهي، زمين ۽ آسمان کي پيدا ڪرڻ الله جون نشانيون آهن. هن چيو ته اسان کي پاڻ ۾ محبت ۽ الفت سان رهڻ ۽ فرقيواريت کان پري رهڻ جو حڪم آهي، اسان سڀني کي الله جي رسيءَ کي مضبوطيءَ سان پڪڙڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. سرورِ ڪائنات حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جو فرمان آهي ته ڪنهن عربيءَ کي عجمي ۽ ڪنهن عجمي ۽ عربيءَ تي ڪا فوقيت ناهي. سمورا مسلمان برابر آهن، مؤمن ٻئي مؤمن لاءِ هڪ وڏي عمارت جيان آهي، هر مسلمان ان عمارت جي ٿنڀ کي مضبوط ڪندو آهي. هن چيو ته الله جو حڪم آهي ته اسان الله ۽ رسول الله صلي الله عليه وسلم جي اطاعت ڪريون، صبر کان ڪم وٺون ۽ مغفرت طلب ڪريون، جيڪو خرچ ڪندا آهيون ۽ ماڻهن کي معاف ڪندا آهيون ان لاءِ عظيم اجر آهي. الله صله رحمي، گهر وارين جا حق ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، اسان کي پنهنجي ويجهن رشتيدارن، يتيمن، مسڪينن ۽ پنهنجي ساٿين سان به سهڻو سلوڪ اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. هن چيو ته شريعت جو حڪم آهي ته نيڪي ۽ خير جي ڪم ۾ هڪٻئي سان سهڪار ڪيو وڃي، هميشه سهڻي گفتگو ڪرڻ گهرجي. شريعت افواهون پکيڙڻ کان منع ڪيو آهي ۽ الله پاڪ ان لاءِ ئي ڪوڙي خبر جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عرفات جي ميدان ۾ اسان حج جي موقعي تي گڏ ٿيا آهيون، اهو اسان جي اتحاد جو مظهر آهي، الله پاڪ حلال رزق مان خرچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اسان کي هميشه اها دُعا ڪرڻ گهرجي ته الله پاڪ اسان کي انتشار کان بچاءِ ۽ متحد رهڻ جي توفيق عطا فرماءِ. حق سان گڏ بيهڻ اڪيلو ماڻهو باطل قوتن جي پوري جماعت کان بهتر آهي. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ وقوفِ عرفه جي ڏينهن اسان سڀني جون دعائون قبول فرماءِ. عالمِ اسلام کي اتحاد سان رهڻ جي توفيق عطا فرماءِ. هن سعودي فرمانروا خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز وزيراعظم ۽ ولي عهد محمد بن سلمان طرفان حاجين لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ خدمتن تي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ سندس خير جي ڪم ۾ وڌيڪ برڪت عطا فرماءِ ۽ سندس لاءِ آسانيون پيدا ڪري. ڊاڪٽر شيخ يوسف بن محمد دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان سڀني جي مغفرت فرماءِ ۽ حاجين جو حج قبول فرماءِ ۽ اسان جي گهر ۾ خير ۽ برڪت جو نزول فرماءِ. آمين











