اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) پاڪستان ڀارت پاران چناب درياءَ جو پاڻي موڙڻ جي منصوبي جي شديد مذمت ڪندي ان کي سنڌ طاس معاهدي جي سنگين خلاف ورزي قرار ڏنو آهي ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان وٽ پنهنجي پاڻي حقن ۽ قومي مفادن جي تحفظ جي لاءِ سمورا آپشنز موجود آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان سفير طاهر حسين اندرابي هفتيوار پريس بريفنگ کي …
پاڪستان پاران ڀارت پاران چناب درياءَ جو پاڻي موڙڻ جي منصوبي جي شديد مذمت، اهو قدم سنڌ طاس معاهدي جي سنگين خلاف ورزي آهي: پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي جي هفتيوار پريس بريفنگ
اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) پاڪستان ڀارت پاران چناب درياءَ جو پاڻي موڙڻ جي منصوبي جي شديد مذمت ڪندي ان کي سنڌ طاس معاهدي جي سنگين خلاف ورزي قرار ڏنو آهي ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان وٽ پنهنجي پاڻي حقن ۽ قومي مفادن جي تحفظ جي لاءِ سمورا آپشنز موجود آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان سفير طاهر حسين اندرابي هفتيوار پريس بريفنگ کي خطاب ڪندي چيو ته ڀارت جي مجوزه چناب – بياس لنڪ ٽنل منصوبي ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سلال ڊيم تي سلٽ فلشنگ جي منصوبن بابت اطلاع ظاهر ڪن ٿيون ته نئين دهلي پاڻي کي بطور هٿيار استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ترجمان چيو ته ڀارت هڪ اهڙي منصوبي جي لاءِ بڊز طلب ڪيا آهن جنهن جو مقصد چناب درياءَ مان ساليانو اٽڪل 19 لک ايڪڙ فٽ پاڻي کي بياس ۾ منتقل ڪرڻ آهي. هن ان قدم کي سنڌ طاس معاهدي، عالمي پاڻي قانونن ۽ معاهداتي ذميوارين جي خلاف ورزي قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان معاهدي تحت پنهنجي حقن ۽ استحقاق جي تحفظ ۽ پنهنجي اهم قومي مفادن جي دفاع لاءِ سمورا ضروري آپشنز محفوظ رکي ٿو. ترجمان عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ڀارت کان مطالبو ڪري ته هو پاڪستان جي قانوني حق جي پاڻي جي وهڪري کي روڪڻ، گهٽ ڪرڻ يا موڙڻ جي منصوبن تان دستبردار ٿي وڃي. ترجمان خبردار ڪيو ته پاڪستان جي پاڻي، خوراڪ ۽ معاشي تحفظ کي خطري ۾ وجهڻ جي ڪا به ڪوشش خطي جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سنگين نتيجا رکندڙ ٿي سگهي ٿي. ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حوالي سان ترجمان هڪ ڀيرو ٻيهر چيو ته اهو تڪرار عالمي سطح تي مڃيل آهي ۽ ان جو حل رڳو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي ذريعي ئي ممڪن آهي. ڀارت ۾ مقرر سوئس سفير جي والاريل علائقي جي تازي دوري بابت هن چيو ته اهڙن دورن سان ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت تبديل نه ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سوئس حڪومت ۽ وسيع تر عالمي برادري سان رابطي ۾ آهي. ترجمان والاريل علائقي ۾ انساني حقن جي مسلسل خلاف ورزين، گهرن کي ڊاهڻ ۽ مقامي آبادي جي بي دخلي بابت اطلاعن تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙا قدم ڪشمير جي آبادياتي ۽ ثقافتي سڃاڻپ کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش جو حصو آهن. علائقائي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪندي طاهر حسين اندرابي چيو ته پاڪستان افغانستان سان ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي لاءِ پرعزم آهي جڏهن ته اسلام آباد افغان سرزمين تان ٿيندڙ دهشتگرد حملن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۽ پنهنجي عالمي حصيدارن بشمول چين ۽ يورپي يونين کي اهو پيغام ڏئي چڪو آهي ته افغان سرزمين پاڪستان جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ جي حوالي سان واضح ۽ غيرمبهم خاطري ضروري آهي. افغانستان جي لاءِ چين جي خصوصي نمائندي يوئي شياويونگ سان تازي مشاورت جو حوالو ڏيندي ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ چين تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ ايسٽ ترڪستان اسلامڪ موومينٽ سميت دهشتگرد گروهن جي خلاف تعاون ۽ رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. نار خطي جي صورتحال بابت هن چيو ته حالتون نازڪ ۽ ڳڻتي جوڳيون آهن جڏهن ته جاري سفارتي ڪوششن جي حوالي سان هن اميد جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جنگبندي بابت مفاهمت ۽ آمريڪا ۽ ٻين علائقائي ڌرين جي وچ ۾ جاري رابطن جي آجيان ڪري ٿو ۽ پاڪستان ڳالهه ٻولهه جي فروغ ۽ امن جي ڪوششن جي حمايت جي لاءِ پرعزم آهي. ان خبر تي ردعمل ڏيندي ته نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايران بابت انٽيلي جنس معلومات آمريڪا سان شيئر ڪئي آهي، ترجمان انهن دعوائن کي بي بنياد ۽ قياس آرائين تي ٻڌل قرار ڏيندي سختي سان رد ڪري ڇڏيو. هن واضح ڪيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جو محور علائقائي امن، استحڪام ۽ سفارتي حل هو ۽ ڪنهن به قسم جي ڳجهي معلومات جي مٽاسٽا ناهي ڪئي وئي. ترجمان چيو ته جيڪڏهن لاڳاپيل ڌريون درخواست ڪن ته پاڪستان خطي ۾ امن جي فروغ ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ اڳتي ڳالهه ٻولهه جي ميزباني جي لاءِ به تيار آهي. ابراهم معاهدن جي حوالي سان پاڪستان جي موقف تي ڳالهه ٻولهه ڪندي طاهر حسين اندرابي چيو ته اسلام آباد جو موقف تبديل ناهي ٿيو ۽ اهو 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ آزاد ۽ عمل جوڳي فلسطيني رياست قائم ڪرڻ سان مشروط آهي جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. هن والاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائيلي قدمن جي مذمت ڪندي فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق جي حمايت کي ورجايو. يورپي يونين سان لاڳاپن بابت ترجمان چيو ته پاڪستان انساني حقن، پورهيتن جي حقن، گورننس ۽ جي ايس پي پلس فريم ورڪ بابت معاملن تي برسلز سان رابطي ۾ آهي. هن چيو ته عالمي واعدن تي عملدرآمد ۾ پاڪستان جي اڳڀرائي کي وسيع پئماني تي تسليم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته صوماليه جي سمنڊ ويجهو قزاقن جي هٿان يرغمال بڻايل 10 پاڪستاني عملي جي ميمبرن جي آزادي جي لاءِ حڪومت ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت انهن جي محفوظ آزادي جي لاءِ صومالي عملدارن، جهاز جي مالڪ ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين سان مسلسل رابطي ۾ آهي. ترجمان ڀارتي عملدارن پاران پاڪستان کي دهشتگردي سان ڳنڍڻ جي تازي الزامن کي پڻ رد ڪندي انهن کي بي بنياد ۽ سياسي محرڪات تي ٻڌل قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان بلوچستان ۾ دهشتگردي جي ڀارتي سرپرستي بابت ثبوت عالمي حصيدارن سان مسلسل شيئر ڪري رهيو آهي ۽ ڪلڀوشن ياديو جو معاملو ان جو هڪ نمايان مثال آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان علائقائي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سفارتڪاري، ڳالهه ٻولهه ۽ پرامن رابطن کي فروغ ڏيندو رهندو ۽ هو پنهنجي خودمختياري، سلامتي ۽ قومي مفادن جي تحفظ تي ڪو ٺاهه نه ڪندو.











