آمريڪي صدر پاران سي اين اين سميت ٽن صحافتي ادارن تي پابندي جو اعلان

واشنگٽن- 19 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته هو سي اين اين، ايم ايس نا ۽ پوليٽيڪو نالي خابرو ادارن کي فوري طور وائيٽ هائوس مان بين ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر ٽروٿ سوشل تي جاري هڪ بيان ۾ چيو ته اهي ميڊيا ادارا سندس انتظاميا بابت مسلسل افسانا ۽ ڪوڙيون خبرون شايع ڪري رهيا آهن، جڏهن ته هن ان جو …

واشنگٽن- 19 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته هو سي اين اين، ايم ايس نا ۽ پوليٽيڪو نالي خابرو ادارن کي فوري طور وائيٽ هائوس مان بين ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر ٽروٿ سوشل تي جاري هڪ بيان ۾ چيو ته اهي ميڊيا ادارا سندس انتظاميا بابت مسلسل افسانا ۽ ڪوڙيون خبرون شايع ڪري رهيا آهن، جڏهن ته هن ان جو ڪو به مثال نه ڏنو. ڊونلڊ ٽرمپ بعد ۾ ان کي تمام سادي پابندي قرار ڏنو، پر اهو واضح نه ڪيو ته اها پابندي ڪيئن لاڳو ڪئي ويندي يا انهن ادارن يا صحافين کي وائيٽ هائوس ۾ داخلا کان روڪيو ويندو يا نه. اعلان جي ڪجهه دير بعد به سي اين اين ۽ پوليٽيڪو جا رپورٽر وائيٽ هائوس ۾ موجود هئا. آمريڪي خابرو اداري سي اين اين امڪاني پابندي کي آمريڪي آئين ۾ ڏنل صحافت جي آزادي تي غير قانوني حملو قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت کي ان جي رپورٽنگ ۾ رڪاوٽ وجهڻ جو حق ناهي. پوليٽيڪو به چيو ته هو پنهنجي آئيني حق جي تحفظ جو ڀرپور دفاع ڪندو.