آمريڪي صدر پاران گرين لينڊ جي سيڪيورٽي تي آمريڪي ڪنٽرول جي معاهدي جي دعويٰ

واشنگٽن- 19 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا، ڊينمارڪ ۽ گرين لينڊ وچ ۾ هڪ معاهدو طئي ٿيو آهي، جنهن تحت آمريڪا کي گرين لينڊ جي سيڪيورٽي ۽ ٻين ضرورتن جي حوالي سان مستقل اختيار حاصل هوندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي چيو ته سندس هدايت تي ڊينمارڪ ۽ گرين لينڊ جي نمائندسن سان هڪ …

واشنگٽن- 19 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا، ڊينمارڪ ۽ گرين لينڊ وچ ۾ هڪ معاهدو طئي ٿيو آهي، جنهن تحت آمريڪا کي گرين لينڊ جي سيڪيورٽي ۽ ٻين ضرورتن جي حوالي سان مستقل اختيار حاصل هوندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي چيو ته سندس هدايت تي ڊينمارڪ ۽ گرين لينڊ جي نمائندسن سان هڪ اهڙو معاهدو طئي ٿيو آهي جنهن تحت آمريڪا کي گرين لينڊ ۾ ضروري قدمن جي مستقل صلاحيت حاصل هوندي. هن چيو ته آمريڪا، گرين لينڊ جي موزون علائقن ۾ وڏي فوجي موجودگي قائم ڪرڻ جو عمل فوري طور تي شروع ڪندو. آمريڪي صدر ان معاهدي کي لا محدود مدي واري قرار ڏيندي چيو ته ان جو مدو ختم نه ٿيندو ۽ ان تي آمريڪا جي ڪا به لاڳت نه ايندي. جڏهن ته معاهدي جو متن فوري طور تي جاري ناهي ڪيو ويو. ڊينمارڪ جي وزيراعظم ميٽي فريڊرڪسن جي آفيس مطابق معاهدي تي ايندڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران صحيح جو امڪان آهي، جڏهن ته لاڳاپيل قومي پارلياماني طريقيڪار به مڪمل ڪرڻو پوندو. گرين لينڊ، مملڪت ڊينمارڪ جي اندر هڪ خودمختيار علائقو آهي. ٽرمپ طرفان ان علائقي کي آمريڪا جو حصو بڻائڻ بابت اڳوڻن بيانن کي ڊينمارڪ، گرين لينڊ ۽ لاڳاپيل يورپي ملڪن طرفان سخت مخالف جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.