مظفرآباد- 19 سيپٽمبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي نئين صدر جي چونڊ ۾ حصو وٺندڙ ٻنهي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ درست قرار ڏنا ويا. ڇنڇر ڏينهن آزاد ڪشمير جي اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پريس رليز مطابق آزاد ڪشمير جي صدارتي چونڊ جي سلسلي ۾ مقرر وقت دوران ٻن اميدوارن پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. مسلم ليگ (ن) جي نامزد اميدوار محمد نجيب نقي خان ۽ پيپلز پارٽي جي …
آزاد ڪشمير جي نئين صدر جي چونڊ ۾ حصو وٺندڙ ٻنهي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ درست قرار

مزید خبریں
مظفرآباد- 19 سيپٽمبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي نئين صدر جي چونڊ ۾ حصو وٺندڙ ٻنهي اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ درست قرار ڏنا ويا. ڇنڇر ڏينهن آزاد ڪشمير جي اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پريس رليز مطابق آزاد ڪشمير جي صدارتي چونڊ جي سلسلي ۾ مقرر وقت دوران ٻن اميدوارن پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. مسلم ليگ (ن) جي نامزد اميدوار محمد نجيب نقي خان ۽ پيپلز پارٽي جي نامزد اميدوار چوڌري لطيف اڪبر پنهنجا پنهنجا نامزدگي ڪاغذ چيف اليڪشن ڪمشنر وٽ جمع ڪرايا. ريٽرننگ آفيسر جاچ پڙتال کانپوءِ ٻنهي صدارتي اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن کي درست قرار ڏئي ڇڏيو.










