نئين آٽو پاليسي جلد متعارف ڪرائي ويندي: هارون اختر خان

اسلام آباد / لاهور - 19 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر خان چيو آهي، ته حڪومت جلد نئين آٽوپاليسي متعارف ڪرائيندي جنهن ۾ آتو پارٽس مينيوفيڪچررز سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز لاءِ رعايتون شامل هونديون.  صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران ڇنڇر تي جاري پڌرائي مطابق پاڪستان انٽرنيشنل آٽو شو 2026ع جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم …

اسلام آباد / لاهور – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر خان چيو آهي، ته حڪومت جلد نئين آٽوپاليسي متعارف ڪرائيندي جنهن ۾ آتو پارٽس مينيوفيڪچررز سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز لاءِ رعايتون شامل هونديون.  صنعت ۽ پيداوار واري وزارت پاران ڇنڇر تي جاري پڌرائي مطابق پاڪستان انٽرنيشنل آٽو شو 2026ع جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت حڪومت آٽوپارٽس جو روانگي واپار وڌائڻ ۽ مقامي صنعت کي عالمي مارڪيٽن تائين پهچ ڏيارڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. سميڊا، پاڪستان ايسوسيئيشن آف آٽومٽيو پارٽس اينڊ ايڪسسريز مينيوفيڪچررز جي  حصيداري سان 21هين پاڪستان انٽرنيشنل آٽو شو 2026ع ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنر طور شرڪت ڪري رهيو آهي. 3 ڏينهن واري نمائش لاهور ايڪسپو سينٽر ۾ جاري آهي، جنهن ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي صنعتڪار، ڪاروباري شخصيتون ۽ نمائنده شريڪ آهن. ان موقعي تي هارون اختر خان چيو ته پاڪستان آٽو موٽيو صنعت ۾ ترقي ۽ روانگي واپار جا وسيع امڪان موجود آهن. پاڪستان آٽو شو مقامي مينيوفيڪچرنگ، جدت ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم پليٽ فارم آهي. پي اي پي ايس 2026ع جي ڪنوينر سلمان سليم سميڊا جي شراڪتداري جي آجيان ڪندي چيو ته ان سان ايس ايم اي شرڪت ۽ ”ميڪ ان پاڪستان“ ويزن تحت مقامي مينيوفيڪچرنگ  کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن کي سگهه ملندي.