گڏيل قومون- 19 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش پاڪستان جي صوبي خيبرپختونواهه ۾ مسجد ۾ ٿيل بم ڌماڪي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جرنل جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ ميڊيا کي ٻڌايو ته سيڪريٽري جنرل چيو آهي ته شهرين ۽ عبادت گاهن کي نشانو بڻائيندڙ حملا نا قابل قبول آهن ۽ حملي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي …
گڏيل قومن جي سيڪيريٽري جنرل پاران خيبرپختونخواهه ۾ بم ڌماڪي جي شديد مذمت

مزید خبریں
گڏيل قومون- 19 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش پاڪستان جي صوبي خيبرپختونواهه ۾ مسجد ۾ ٿيل بم ڌماڪي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جرنل جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ ميڊيا کي ٻڌايو ته سيڪريٽري جنرل چيو آهي ته شهرين ۽ عبادت گاهن کي نشانو بڻائيندڙ حملا نا قابل قبول آهن ۽ حملي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي. هن چيو ته انتونيو گوتريش دهشگردي ۽ انتهاپسندي خلاف ڪوششن ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان گڏيل قومن جي يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پوليس ۽ ريسڪيو عملدارن مطابق جمعي ڏينهن ڪي پي ڪي ۾ پوليس جي رهائشي ڪمپائونڊ اندر ٿيل آپگهاتي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 21 ڄڻا شهيد ۽ 103 زخمي ٿيا هئا.











