ٻارڻ جون قيمتون نا قابل برداشت ٿي چڪيون آهن: فرانس

پيرس- 19 سيپٽمبر (اي پي پي) فرانس جي صدر ايمانوئل چيو آهي ته فرانس ۾ ٻارڻ جي قيمتن ۾ اضافو حڪومت جو فيصلو نه پر جاگرافيائي ۽ سياسي حالتن جو نتيجو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق فرانسيسي صدر جو چوڻ هو ته هو آبناءِ هرمز کي ٻيهر کولرائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو، جڏهن ته ان لاءِ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ ضروري آهي. هن اهو …

پيرس- 19 سيپٽمبر (اي پي پي) فرانس جي صدر ايمانوئل چيو آهي ته فرانس ۾ ٻارڻ جي قيمتن ۾ اضافو حڪومت جو فيصلو نه پر جاگرافيائي ۽ سياسي حالتن جو نتيجو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق فرانسيسي صدر جو چوڻ هو ته هو آبناءِ هرمز کي ٻيهر کولرائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو، جڏهن ته ان لاءِ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ ضروري آهي. هن اهو به چيو ته صنعتي ملڪن جي گروپ جي ست ملڪن جا توانائي وارا وزير فرانس ۾ گڏ ٿيندا ته جئين آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل توانائي جي بحران تي ڳالهيون ڪري سگهجن. ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ صدر آبناءِ هرمز، باب المندب ۽ احمر سمنڊ ۾ جهاز راني جي آزادي جي اهميت تي زور ڀريو. هن لکيو ته سامونڊي ناڪابندي فرانسيسي شهرين جي زندگي کي متاثر ڪيو آهي ۽ ان جا اثر پيٽرول پمپس تي محسوس ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته ٻارڻ جون قيمتون نا قابل برداشت ٿي چڪيون آهن. ٻئي پاسي آبناءِ هرمز ۾ آئل ٽينڪرن کي نشانو بڻائڻ جي واقعن جا اطلاع به ملي رهيا آهن.